نئون

ناروي پاران بجلي جي ڪارن کانپوءِ بجلي تي جهازن اڏارڻ جو ارادو

ناروي بجلي سان ڪارون هلائڻ وارن ملڪن ۾ اڳڀرو ثابت ٿيو آهي. هاڻ ناروي گهٽ فاصلي وارين اڏامن کي بجلي سان هلائڻ چاهي ٿو. واضح رهي ته هر دفعي جڏهن هڪ جهاز هوا ۾ اڏامي ٿو ته جهاز سان گڏ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ به اڏندي رهي ٿي. هوائي سفر سبب دنيا ۾ 2 کان 3 سيڪڙو گدلاڻ هوا ۾ پکڙجي ٿي، جيڪا هر سال وڌندي رهي ٿي. ماهر چون ٿا ته اسان ان کي گهٽائڻ چاهيون ٿا اسان کي سفر ئي بند ڪرڻو پوندو. پر ناروي هڪ نئون ۽ اهم طريقو سامهون آندو آهي، جنهن ۾ بجلي سان هلندڙ جهاز متعارف ڪرايا ويندا. واضح رهي ته دنيا ۾ وڌيڪ بجلي جون ڪارون هلائيندڙ ملڪ به ناروي آهي. جنهن بابت چيو پيو وڃي ناروي سڄي دنيا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ختم ڪرڻ لاءِ سٺا قدم کڻي رهيو آهي. ناروي جو چوڻ آهي ته اهي جهاز جيڪي ڏيڍ ڪلو ميٽرن تائين اڏامندا آهن، انهن کي بجلي جي جهازن ۾ تبديل ڪرڻ سان شروعات ڪئي ويندي. ياد رهي ته عام جهاز جيڪي جيٽ فيول سان هلن ٿا تن جي اڏام مان هرهڪ ڪلاڪ ۾ 53 پائونڊ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پيدا ٿئي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ناروي جي هن قدم سان اسان کي ڏسڻو آهي ته هن قسم جي جهازن کي وڏي مفاصلي جي اڏامن تائين ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو.