خاصنئون

لاڙڪاڻي جي 13 ٻارن ۾ ايڊز جي تصديق

سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي جي تعلقي رتو ديروجي 13 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ٽيسٽ پازيٽو مليو آهي. رتو ديرو جي 16 ٻارن جي رت جي نمونن کي ايڇ آءِ وي جي تشخيص لاءِ ليبارٽري موڪليو ويو هيو. انچارج ايڊز ڪنٽرول پروگرام چيو آهي ته هي وائرس آلوده رت جي منتقلي سان ٻارن ۾ اچي سگهي ٿو. انچارج پيٿالوجسٽ پي پي ايڇ آءِ جيڪب آباد ٻڌايو ته 16 مان 13 ٻارن ۾ ايڊز وائرس ملڻ جي تصديق ٿي آهي. متاثر ٻار 4 مهينن کان 8 سالن جي عمر جا آهن. ان حوالي سان انچارج ايڊز ڪنٽرول پروگرام ڊاڪٽر ڀولا رام جو چوڻ آهي ته ٻارن جي والدين جي به ٽيسٽ ڪرائي ويندي. سرڪاري انگن اکرن جي مطابق لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جي رجسٽرڊ مريضن جي تعداد 2400 کان وڌيڪ آهي.