اسرائيل خطي ۾ جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي، ايران

ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف جرمني ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو آهي ته اسرائيل خطي ۾ جنگ جون تياريون ڪري رهيو آهي. آمريڪي پاليسيون ۽ اسرائيل جو جنگ جو شوق خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي. اسرائيل جا جنگي جهاز شام ۾ ايراني فوجي تنصيبن تي حملا ڪري رهيا آهن. جنهن تي عالمي طاقتن جي خاموشي مجرماڻو عمل آهي.  هن چيو ته اسرائيل کي آمريڪي حمايت حاصل آهي جنهن سان طاقت جي توازن ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير ٽرمپ جي  پاليسين کي نشانو بڻائيندي چيو ته آمريڪا پاڻ ته ايٽمي توانائي جي معاهدي تان هٿ کڻي ويو آهي ۽ ٻين يورپي ملڪن کي به ان مان نڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي. آمريڪا کي پنهنجين پاليسين تي نظر ثاني ڪرڻي پوندي. واضح رهي ته اسرائيل پرڏيهي قانون جي خلاف ورزي ڪري شام ۾ ايراني تنصيبن تي حملا ڪري رهيو آهي. جڏهن ته آمريڪا جي ايٽمي توانائي جي معاهدن کان دستبرداري بعد هن جا ايران سان لاڳاپا تمام گهڻا خراب ٿي وياآهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments