تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان پنهنجو چونڊ نشان بيٽ وٺڻ ۾ ناڪام
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٻه ڏينهن مسلسل تحريڪ انصاف جي خلاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آيل پٽيشن جو ڪيس ٻڌندي رهي جيڪو سڌو سنئون ميڊيا تي پڻ ڏيکاريو ويو. تحريڪ انصاف قانوني طور پنهنجو ڪيس وڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهي ۽ جيڪو اعتراض اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پٽيشن ۾ ڄاڻايو هو ته تحريڪ انصاف ۾ ٿيل انٽرا پارٽي اليڪشن پارٽي آئين مطابق نه ٿيا آهن، انهيءَ ڪري انهن کي ڪالعدم قرار ڏنو ٿو وڃي. جنهن جي ڪري تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس ورتو وڃي ٿو، پر پشاور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي بيٽ جو نشان ڏنو ۽ اهڙو حڪم اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي به ڏنو ويو ته هڪدم تحريڪ انصاف کي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي ۽ انهيءَ سياسي پارٽي کي سندس چونڊ نشان بيٽ پڻ الاٽ ڪيو وڃي، جنهن جي خلاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پٽيشن کڻي سپريم ڪورٽ ۾ حاضر ٿي. ٻن ڏينهن جي مسلسل قانوني جنگ دوران تحريڪ انصاف جا وڪيل جيتوڻيڪ پنهنجو ڪيس ڀرپور نموني سان وڙهيا، پر انهن وٽ قانوني جواز گهٽ هئا، اخلاقي جواز وڌيڪ هئا. تحريڪ انصاف جا وڪيل پنهنجي پارٽي ۾ ٿيل انٽرا پارٽي اليڪشن جي ساک کي بحال ڪرائي نه سگهيا. سپريم ڪورٽ جي بار بار پڇڻ تي ڪيترائي ڪاغذ ڪورٽ جي آڏو مهيا ڪري نه سگهيا. اهو به نه ٻڌائي سگهيا ته آخر نامينيشن پيپر ڪهڙو هو. جيڪو اميدوارن پارٽي عهدي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀريو ۽ جيڪا في پارٽي طرفان مقرر ڪئي وئي هئي. اها 50 هزار في اميدوار هئي، ان جو ڪو ثبوت نه هو ته اها رقم ڪهڙي بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ٿي يا جيڪڏهن ڪيش ۾ جمع ٿي ته ان جي ڪا رسيد ڏيکاريو. اهڙا کوڙ سارا ننڍا وڏا اعتراض ۽ سوال سپريم ڪورٽ طرفان کنيا ويا، جيڪي پي ٽي آئي جا وڪيل مسلسل ٻن ڏينهن جي ڪوششن جي باوجود مناسب جواب ڏئي سپريم ڪورٽ کي مطمئن ڪري نه سگهيا ته جيئن کين سندن چونڊ نشان ملي سگهي. انهيءَ ڪري قانوني طور تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي پٽيشن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ پي ٽي آئي کان چونڊ نشان واپس ورتو ويو. يقينن پي ٽي آئي جا همدرد جيڪي پهرين به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مٿان الزام تراشيون ڪري رهيا هئا، انهن کي هڪ موقعو ٻيو به مليو آهي ۽ اهي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي الزام تراشي جا تير وڌيڪ هڻندا رهندا، پر انهن کي پنهنجي وڪيلن کان ضرور پڇڻ گهرجي ته اوهان وٽ قانوني جواز نه هجڻ جا سبب ڪهڙا هئا، جنهن جي ڪري اوهان پنهنجو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هارائي ويا آهيو. اسين صرف هڪ ڳالهه ڪريون ٿا ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اخلاقي ۽ اصولي بنيادن تي پي ٽي آئي کي بيٽ جو نشان ڏئي ها ته سپريم ڪورٽ جو مان اڃان به مٿانهون ٿي وڃي ها ۽ پي ٽي آئي جي ٽرولرز وٽ اڄ ڪوبه جواز نه هجي ها ۽ اهي پنهنجي ريمارڪس تي پاڻ شرمنده هجن ها، جيڪي هو سپريم ڪورٽ جي لاءِ خاص طور تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي لاءِ گذريل ٻن ڏينهن کان ڏئي رهيا هئا، پر هاڻي اهو ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي، سپريم ڪورٽ طرفان فيصلو اچي چڪو آهي، انهيءَ فيصلي سان يقينن پي ٽي آئي جي لاءِ مشڪلاتون پهرين کان وڌيڪ ٿي ويون آهن، هاڻي هو بغير نشان جي چونڊن ۾ ويندا ۽ انهن جي اميدوارن کي هر حلقي ۾ ڌار ڌار چونڊ نشان ملندو، جنهن جي ڪري انهن جي ووٽرن کي ڏکيائي ضرور پيش ايندي، پر اڄ ڪلهه جي ميڊيا جي دور ۾ ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا جي دور ۾ جنهن ۾ تحريڪ انصاف کي سوشل ميڊيا کي استعمال ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مهارت آهي، هاڻي انهن جي مهارت جي خبر پوندي ته هو پنهنجن اميدوارن کي جن وٽ هاڻي مختلف نشان آهن، انهن کي ملڪ جي عوام جي اڳيان ڪيئن ٿا مشهور ڪن ته اهي ئي اميدوار دراصل پي ٽي آئي جا اميدوار آهن، ڀلي کڻي سندن نشان ڌار ڌار آهن. ان سان گڏ وڏو نقصان پي ٽي آئي کي سياسي پارٽي طور اهو به پوندو ته هاڻي عورتن جون مخصوص سيٽون ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن ۾ پارٽي طور تحريڪ انصاف کي حصو نه ملندو، ڇو ته انهن جا اميدوار آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊ ميدان ۾ آهن، جيڪڏهن اهي کٽي به اچن ٿا ته انهن جي حيثيت پڻ آزاد اميدوار جي هوندي. اسان سمجهون ٿا ته بهتر ٿئي ها ته پي ٽي آئي کي بيٽ جو نشان ملي ها، ان سان سندس اهو چوڻ ته پي ٽي آئي کي هڪ پارٽي طور تي نشانو بڻايو ٿو وڃي، انهي ڳالهه جي نفي ٿئي ها، پر هاڻي به هڪ مهيني جو وقت پارٽي وٽ آهي، ڏسون ٿا ته هو پنهنجي ووٽرن کي پنهنجي حق ۾ ڪيئن ٿي استعمال ڪري سگهي، اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو.