ڪيترن ئي ڏينهن کان خبرن ۾ رهندڙ 27 هين آئيني ترميم نيٺ 12 نومبر 2025 تي 234 ميمبرن جي حمايت سان منظور ٿي وئي. جنهن کي ڪجهه اضافي ترميمن سان سينيٽ ڏانهن اماڻيو ويو آهي. هن ترميم بابت تمام گهڻيون قياس آرائيون ٿينديون رهيون، پر جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته حالتون هر دور ۾ تبديل ٿينديون رهن ٿيون، سياستدان جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ڪو اهڙو عمل ڪري وجهن ٿا جنهن سان حالتون تبديل ٿي وڃن ٿيون ۽ پوءِ مٿن حالتن جو اهڙو دٻاءُ اچي ٿو. اسان کي نه ته پنهنجي سياستدانن تي شڪ آهي ۽ نه ئي اسٽيبلشينٽ جي ارادن تي. جمهوريت هڪ مسلسل عمل آهي، جنهن ۾ سڄي سياسي قيادت، ادارا ۽ عوام گڏجي هلن ٿا ۽ پوءِ ڪڏهن ڪمزور ٿين ٿا ته ڪڏهن طاقتور ٿيندي اڳتي وڌن ٿا. اها پاڪستان جي خوشقسمتي آهي جو هينئر شهباز شريف جي حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي الائنس سان گڏ ڪاميابيءَ سان هلي رهي آهي.
اميد ڪجي ٿي ته هيءَ حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، توڙي جو جمهوريت جو ڪمزور سفر آهي، پر پورو ڪندي. اسان ڏسون ته ڪيترائي موقعا جيڪي عمران خان کي 2018 جي اليڪشن کانپوءِ مليا هئا، اهي هن جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ ڪمزور ڪرڻ ۾ وڃائي ڇڏيا. 9 مئي 2023 جو واقعو پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ هڪ انتهائي تڪراري ۽ افسوسناڪ موڙ بڻجي سامهون آيو، جنهن جمهوريت کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو، فوجي ادارن ۽ تنصيبات تي حملو ڪيو ويو، جنهن سبب پاڪستان ۾ شهري ۽ فوجي ادارن ۾ آئيني احترام جي حد ڪمزور ٿي. ان سانحي کانپوءِ پي ٽي آءِ تي سخت ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ فوجي اسٽيبلشمينٽ جو سياسي ماحول تي اثر ۽ ڪنٽرول وڌي ويو ۽ ان کانپوءِ سخت قانونن تحت سويلين تي ڪيس هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا پڻ جمهوري حڪمراني جي خلاف هڪ قدم سمجهيو ويو. جمهوري قدرن جي ابتڙ اهو حق، 9 مئي تي ٿيندڙ پرتشدد ۽ تخريبڪار عمل سبب ڦرجي ويو.
ملڪ اندر 9 مئي کانپوءِ سياسي پولرائيزيشن ۽ عوام اندر بي اعتمادي وڌي وئي، ڇو ته اهو محسوس ڪرايو ويو ته سياسي پارٽيون پنهنجي اقتدار لاءِ ڪنهن حد تائين وڃي سگهن ٿيون. تاريخ کي غور سان ڏسجي ته محسوس ٿيندو ته اٺهتر سالن جي تاريخ ۾ سياسي غلطيون ڪنهن هڪ ڌر ڪيون ۽ ان جي سزا پوري قوم کي ڀوڳڻي پئي، پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي سخت صورتحال ۾ به جمهوري عمل جاري آهي. مضبوط آمريت کان ڪمزور جمهوريت هميشه بهتر رهندي آهي. اسان ان ڪمزور جمهوريت جي تسلسل مان لنگهي رهيا آهيون. 12 نومبر 2025 تي بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ جذباتي ۽ پراعتماد تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن دهشتگرديءَ جي خلاف قومي اتحاد جي ڳالهه ڪئي ۽ هن زور ڀريو ته دهشتگرديءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ ۽ پارليامينٽ کي سياسي ۽ نظرياتي اختلافن کي وساري ايڪي سان اڳتي وڌڻو پوندو. هن آرٽيڪل 243 ۾ تبديلين جي حمايت ڪرڻ جو حوالو ڏنو ته جيئن اهڙي جنگي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ هن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ جي ذريعي 27 هين ترميم ۾ شامل ممڪنه تبديلين جي باري ۾ ٻڌايو هو، جنهن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي جي آئيني تحفظ جي ختم ڪرڻ واري تجويز کي پيپلزپارٽي رد ڪري ڇڏيو هو.
ان کان علاوه تعليم ۽ پاپوليشن وارين وزارتن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ واري تجويز کي به پيپلز پارٽي رد ڪري ڇڏيو هو. بلاول ڀٽو آرٽيڪل 6 لاءِ اها ڳالهه چئي ته ان جو استعمال سياسي مخالفن خلاف نه ٿيڻ گهرجي، بلڪه حقيقي آئيني خلاف ورزين تائين محدود رهڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ارڙهين ترميم کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي ۽ چيو “ڪنهن جي پيءُ ۾ به طاقت ناهي جو ارڙهين ترميم ختم ڪري سگهي.” ان ڳالهه جو يقينن اهو مطلب آهي ته ارڙهين ترميم چئني صوبن جي چونڊيل نمائندن جي متفقه راءِ سان ڪئي وئي، جنهن کي آسانيءَ سان ختم نٿو ڪري سگهجي. سندس زور ان ڳالهه تي هو ته وفاق صرف ان صورت ۾ مضبوط ٿي سگهي ٿو، جڏهن صوبا مضبوط هوندا. سياسي عمل جي ذريعي پاڪستان جي سڄي سياسي ۽ معاشي صورتحال کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. سندس چوڻ مطابق هن وقت بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ جيڪڏهن حالتون خراب آهن ته ان جي پٺيان سبب اهو آهي ته اتي سياسي عمل ڪمزوريءَ جو شڪار آهي.
اين ايف سي ايوارڊ لاءِ صوبن جو حصو اڃان وڌڻ گهرجي ۽ هن وزيراعظم شهباز شريف کي اها صلاح ڏني ته وفاق صوبن کي ٽيڪس جمع ڪرڻ جي موڪل ڏئي ته صوبا وفاق کان وڌيڪ موثر طريقي سان ٽيڪس جمع ڪري سگهن ٿا. 11 نومبر 2025 تي نفيسه شاهه پنهنجي تقرير ڪندي تمام خوبصورتي سان پيپلزپارٽي جو موقف ۽ سندس سياسي جدوجهد جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي هڪ انچ جو اسپيس ملندو يا هڪ ميل جو اسان اهو وٺنداسين ۽ ان کي ضايع نه ڪنداسين، جيڪا تمام گهڻي مثبت سوچ جي نشاندهي ڪري ٿو. پيپلزپارٽي جمهوري عمل ۾ يقين رکي ٿي، سول فوجي عدم توازن تي رد عمل ڏيکاري ٿي، لچڪدار سياست پيپلزپارٽي جو سياسي فلسفو آهي. اهوئي سبب آهي جو سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پيپلزپارٽي 27 هين ترميم کي پنهنجن شرطن تي منظور ڪرايو آهي، پر ساڳئي وقت بلاول ڀٽو 28 هين ترميم جو اشارو به ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترائي خدشا عوام جي ذهنن ۾ پوکي ڇڏيا آهن. ايئن نه ته جيڪي شيون 27 هين آئيني ترميم ۾ نه مڃيون ويون آهن اهي 28 هين ترميم ۾ آنديون وڃن ۽ پيپلزپارٽي انهن تي رضامند ٿي وڃي. هتي هڪ جملو جنرل قمر باجوه جو ياد اچي رهيو آهي، جنهن هڪ سوال جي جواب ۾ ڪنهن کي چيو هو “جمهوريت صرف ان وقت مضبوط ٿيندي جڏهن سياستدان گڊ گورننس ڏيکاريندا ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو.” اميد آهي ته اسان جنهن جمهوريت جي ڪمزور سفر ۾ هن وقت هلي رهيا آهيون، اڳتي هلي اهو گڊ گورننس ۾ تبديل ٿيندو ۽ جمهوريت کي مضبوط ڏسڻ وارين اکين جا خواب پورا ٿيندا.