بلاگنئون

احساس: ٻالڪپڻ کان پرديس تائين- هڪ اڻپورو سفر

“جلدي پڙهي وڏو ماڻهو ٿجان، پر گهر کي وسارجان” ماءُ جي آواز ۾ محبت به هئي ۽ ڳڻتي به. هن کي اھا خبر نه هئي ته ماءُ جا اهي لفظ هن جي زندگيءَ جي سڀ کان اهم ۽ ڏکي سفر جا سنگ ميل بڻجندا. ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ جي صبح جو پنهنجو هڪ جادو هوندو آهي، ڪڪڙ جي ٻانگ، ٿڌڙي هوائن ۾ مٽيءَ جي خوشبو، وڻن جي پويان سج جا نڪرندڙ ڪرڻا ۽ آڳر ۾ اڏامندڙ پکي. اتي ٻار پنهنجو ننڍپڻ راندين، کل ڀوڳ ۽ ماءُ جي هنج ۾ گذاريندا آهن، پر هن جي قسمت جي ورق ۾ ڪجهه ٻيو لکيل هو. هو صرف ٻارهن ورهين جو هو، جڏهن هن کي گهر، آڳر ۾ نم ۾ ٻڌل پينگھو، پيءُ جي ڇانو ۽ ماءُ جي آغوش ڇڏي، هڪ اهڙي سفر تي نڪرڻو پيو، جنهن ۾ واپسيءَ جو ڪو طئي ٿيل ڏينهن نه هو. ٿيلھي ۾ فقط ڪجهه ڪپڙا، ڪتاب ۽ ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ. اهو ڏينهن هن جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو موڙ هو. ٻالڪپڻ جي دروازي کان سڌو جوانيءَ جي ڏاڪڻ تي ڌڪيو ويو هو. پهريون شهر، پهرين هاسٽل، اجنبي چهرا ۽ رات جو اُهو اڪيلو پڻ، جنهن ۾ دليون گهر جي اوسيئڙي سان ڀڄنديون آهن. پڙهائي لاءِ هن کي اتي موڪليو ويو ھو، پر دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هر شام، ڳوٺ جي اڱڻ ۾ هلندڙ ٿڌڙي هوائن ۽ وڻن جي ڇانوءَ جي ياد جاڳندي رهي.

وقت گذرندو ويو ۽ پڙهائي، ان کانپوءِ نوڪري هن کي نون شهرن، نون موقعن ۽ آخرڪار پرڏيهي ملڪن تائين وٺي وئي. دنيا جون وڏيون عمارتون، شاندار ٽريننگ سينٽر ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جا وڏا نالا هن جي حصي ۾ آيا. پاسپورٽ تي هڪٻئي پٺيان وِيزا لڳندا رهيا، پر ڪنهن به ملڪ ۾ هن وٽ “گهر” نالي ڪو هنڌ نه مليو. هن مختلف قومن سان گڏ ڪم ڪيو، وڏن پروجيڪٽن ۾ حصو ورتو، نوان دوست ٺاهيا، پر اندر ۾ هڪ اڻ لڀ خالي جاءِ سدائين رهي. ڪڏهن ڪڏهن هوائي جهاز جي دريءَ مان هيٺ ڏسندي، هن کي لڳندو هو ته آسمان کان به وڏو فاصلو اهو آهي، جيڪو هن کي پنهنجي گھر کان الڳ ڪري ويٺو آهي. ڪاميابي، عزت ۽ مالي سک هوندي به، ٻالڪپڻ جيڪو رانديڪن، ڀاءُ ڀينرن جي شرارتن ۽ ماءُ جي هٿ جي پچيل کاڌي سان ڀرپور هجڻ گهرجي ها، اهو ڪنهن اجنبي شهر جي ھاسٽل واري روم ۽ ڪتابن جي صفحن ۾ دفن ٿي ويو. اڄ، ڪيترن سالن کانپوءِ به جڏهن رات جو ڪم کان ٿڪجي واپس ايندو آهي ۽ اڪيلو ڪمري ۾ ويهندو آهي ته هن کي لڳندو آهي ته هو اڃان به اهوئي ٻار آهي، جيڪو پنهنجي ڳوٺ جي واٽ تي بيٺو، اوسيئڙي سان گهر ڏانهن نهاري رهيو آهي. شايد وقت، فاصلا ۽ ڪاميابيون به دل جي اُن اوسيئڙي کي ختم نه ڪري سگهنديون. ڇا خبر، شايد ڪنهن ڏينهن هو وري اُهي ئي واٽون پار ڪري، پنهنجي ڳوٺ جي مٽيءَ تي واپس پهچي ۽ دل جي خالي جاءِ کي ڀري سگهي، پر هڪ ڳالهه جي پڪ اٿس… گهر کان ٻاهر گذاريل هر ڏينهن هن کي سيکاريو آهي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڇو نه هجي، سندس دل جو گهر اڃان به ڳوٺ ۾ آهي.