سنڌ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ اهڙيون شخصيتون هميشه ڌرتيءَ جو مان وڌائينديون رهيون آهن، جيڪي پنهنجي فڪر، علم ۽ محنت سان دنيا کي ڏيکارين ٿيون ته سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي حيثيت ڪنهن کان گهٽ ناهي. اهڙن ئي نالن مان هڪ نمايان نالو الطاف شيخ جو آهي، جيڪو رڳو سمنڊن جو مسافر ناهي، پر فڪر، تجربي ۽ انساني احساس جو اهڙو راهي آهي، جنهن سنڌي ادب کي نون رنگن سان ڀري ڇڏيو. هو پنهنجي زندگيءَ جي 81 هين بهار ۾ داخل ٿيو آهي، پر سندس قلم اڄ به اوترو ئي جوان، متحرڪ ۽ سجاڳ آهي، جيترو پنجاھ سال اڳ هو. الطاف شيخ جو جنم 14 نومبر 1944ع تي هالا نوان ۾ ٿيو، اها ڌرتي جيڪا هميشه علم، تصوف ۽ انسان دوست فڪر سان مالا مال رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ جنم وٺندڙ الطاف شيخ جي فطرت ۾ به علم، جستجو ۽ محبت جو هڪ اڻٿڪ ميل رهيو. هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ڏاهو، تجسس رکندڙ ۽ دنيا ڏسڻ جو شوقين هو. پنهنجي ابتدائي تعليم مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان حاصل ڪيائين، پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر تائين پڙهيو. اتي ئي هن جي دل ۾ سمنڊ ڏسڻ جو خواب جاڳي پيو، جيڪو پوءِ حقيقت بڻجي ويو.
مشرقي پاڪستان جي چٽاگانگ مئرين اڪيڊمي مان مئرين انجنيئرنگ پڙهي، هن جهازن جي دنيا ۾ قدم رکيو. 1968ع کان پاڪستان نيشنل شپنگ ڪمپني سان لاڳاپيل رهيو، ننڍي انجنيئر کان چيف انجنيئر تائين پهتو. دنيا جا سمنڊ، بندرگاهون، اجنبي ملڪ، نيون ٻوليون، نوان ماڻھو، نوان تجربا، اهي سڀ الطاف شيخ جي زندگيءَ جا ورق بڻيا، پر هو رڳو سمنڊ جو مسافر نه هو، هو احساسن، فڪر ۽ مشاهدي جو به مسافر هو. هر ڪناري، هر طوفان، هر بندرگاھ تي هو انسانيت جي ڪهاڻي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ انهن ڪهاڻين کي لفظن جي صورت ۾ سنڌي ادب جي تحفن ۾ بدلائيندو رهيو.
الطاف شيخ جا ڪتاب سنڌي ادب جو عالمي سرمايو آهن، سندس لکڻين ۾ دنيا جي سمنڊن جي لهرون، شهرن جا منظر، پرڏيهين جون رسمون ۽ سڀ کان وڌيڪ انساني احساسن جي خوشبو ملي ٿي. “منهنجو ساگر منهنجو ساحل، مڪلي کان ملاڪا، ملير کان مالمو، برونائيءَ کان برازيل، بندر بازاريون، نڪري ويا ناکئا، ايران ڏي اڏام”, اهي فقط ڪتابن جا نالا نه، پر نون تجربن جا در کولي ڏيندڙ عنوان آهن. الطاف شيخ جو ڪمال اهو آهي ته هو هر سفر کي صرف جاگرافيائي سفر نٿو بڻائي، پر انساني نفسيات، اخلاقيات ۽ سچائيءَ جي مسافت ۾ تبديل ڪري ٿو. سندس هر ڪتاب پڙهندڙ کي نه صرف دنيا ڏيکاري ٿو، پر پاڻ سان سفر ڪرائي ٿو.
هو جڏهن جاپان ۾ رهيو ته اتان جي نظم، اصول ۽ وقت جي پابنديءَ مان سبق سکيو ۽ انهن کي سنڌي سماج سان ڀيٽيندو رهيو. جڏهن ملائيشيا ۾ رهيو ته اتان جي ثقافت مان امن ۽ احترام جي قيمت کنئي ۽ جڏهن آفريڪا پهتو ته اتان جي غريبن ۾ به محبت جا رنگ ڏٺا. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪتاب رڳو سفرناما نه آهن، پر فڪر جا آئينا آهن. هو لکي ٿو ۽ ان جي هر سٽ ۾ انسانيت جي خوشبو سمايل آهي.
1982ع ۾ جڏهن الطاف شيخ جهازن جي زندگيءَ کان الڳ ٿي ملائيشيا ۾ تدريسي خدمت شروع ڪئي، تڏهن سندس ٻيو سفر شروع ٿيو، علم جو سفر. هو ملائيشيا جي ميري ٽائيم اڪيڊمي ۽ پاڪستان مئرين اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ سينيئر استاد رهيو. هن هزارين شاگردن کي فني علم سان گڏ ايمانداري ۽ اخلاقي سچائيءَ جا سبق ڏنا. ڪيترائي شاگرد اڄ دنيا جي وڏين شپنگ ڪمپنين ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ فخر سان چون ٿا ته اسان الطاف شيخ جا شاگرد آهيون.
الطاف شيخ جي لکڻيءَ ۾ هڪ عجيب سادگي ۽ گهرائي آهي، هو فلسفياڻيون ڳالهيون عام ماڻهن جي دل تائين پهچائڻ ڄاڻي ٿو. سندس جملن ۾ نه ڪو وڏائيءَ جو اظهار، نه ڪو مصنوعي انداز، پر هڪ سچائي، جيڪا دل مان نڪري ٿي. هو هر منظر کي محسوس ڪري لکي ٿو، هر ڪهاڻي کي پنهنجن لفظن سان جياري ٿو. سندس لکيل ڪتاب “اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا” نسل پرستيءَ خلاف هڪ تحريڪ بڻجي ويو، جنهن ثابت ڪيو ته انسانيت جو قدر جلد يا دير سان رنگ، نسل ۽ سرحدن کان مٿي ٿي وڃي ٿو.
الطاف شيخ ھميشه چوندو آهي، سفر توهان کي دنيا سيکاري ٿو، پر لکڻ توهان کي پاڻ سان ملائي ٿو. هن جملي ۾ سندس پوري زندگي سمايل آهي. هو دنيا ڏسي آيو، پر پاڻ کي نه وساريو. سندس هر ڪتاب ۾ سنڌ جو فڪر، سنڌي ٻوليءَ جي مٺاس ۽ انساني محبت جو سچ شامل آهي.
اڄ جڏهن دنيا ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق گهٽجي رهيو آهي، الطاف شيخ اڃان به قلم کي ساڳي جذبي سان هلائي ٿو، ڇو ته هن لاءِ لکڻ عبادت آهي. هو سمجهي ٿو ته هر ڪتاب هڪ نئون سفر آهي ۽ هر پڙهندڙ هڪ نئون ساٿي آهي. 81 هين سالگره تي جڏهن سنڌ جو هي پُٽُ ڏسون ٿا ته احساس ٿئي ٿو ته وقت گذري ٿو، پر فڪر زنده رهي ٿو. الطاف شيخ جو نالو سنڌي ادب ۾ هڪ اهڙي مشعل بڻجي ويو آهي، جيڪا نسل در نسل راهون روشن ڪندي رهندي.
سنڌ کي فخر آهي ته هن جي ڌرتيءَ مان اهڙو ليکڪ نڪتو، جنهن سمنڊ جي لهرن مان فڪر جا موتي چونڊي، انهن کي سنڌي ٻوليءَ جي موتين واري مالها ۾ پروئي ڇڏيو. سندس لکڻين مان نه رڳو دنيا ڏسڻ جو حوصلو ملي ٿو، پر پاڻ کي سڃاڻڻ جو به سبق ملي ٿو. هو ثابت ڪري چڪو آهي ته علم، ايمانداري ۽ محنت سان انسان دنيا جي هر ڪنڊ تائين پنهنجو نالو روشن ڪري سگهي ٿو.
81 هين بهار الطاف شيخ لاءِ هڪ عمر جو انگ نه، پر هڪ اهڙو علمي ۽ ادبي سنگ ميل آهي، جتان سندس زندگيءَ جو پيغام نئين نسل لاءِ الهام بڻجي ٿو. اڄ به جڏهن دنيا جي ڪنارن تي سندس ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا ته لڳي ٿو ڄڻ هر بندرگاھ تي سنڌي ٻوليءَ جي خوشبو پکڙيل آهي، هر لهر سان محبت جي نئين سٽ گونجي ٿي. الطاف شيخ سنڌ جو اهو فڪر آهي، جيڪو وقت جي اونداهين ۾ به روشنيءَ جو رستو ڏيکاري ٿو، ۽ سنڌي ادب جو اهو آواز آهي، جيڪو ڪڏهن به بند نه ٿيندو.
الطاف شيخ، توکي 81 هين سالگره مبارڪ! تون سنڌ جي فڪر، علم ۽ محبت جو اهڙو مسافر آهين، جيڪو هر سفر سان پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ نوان ڪنارا کولي ٿو.!