ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: وهنجڻ

ڀارتي ڪپڙن تي صابڻ هڻي برش سان رڳڙڻ لڳي، صابڻ گج بڻجي وهي رهيو هو ۽ ساڻ ڪپڙن جي ميراڻ پڻ کڻي وڃي رهيو هو. ڀارتي غور سان صابڻ کي ڏسڻ لڳي، ”هي صابڻ به اسان زائفن وانگر ئي آهي، ڀل ڳرندو پاڻ کي کپائيندو وڃي، پر مير رهڻ نه ڏي، چاهي اهو مير ڪپڙن جو هجي يا سرير جو.“
ڌوتل ڪپڙا کڻي ڇت تي سڪڻا وجهڻ لاءِ وئي.
انهن ڇتين وٽ پڻ تمام گهڻا قصا هوندا آهن. ٻارن جي راندين جا، ڇوڪرن جي لغڙ اڏائڻ جا، جوان دلين جي ملڻ جا، هڪ ڇت ٽپي ٻي ڇت تي پهچڻ جا ۽ انهن مان هڪ قصو آهي عورتن جي ڪپڙا سڪائڻ جو. ڪپڙا سڪڻ لاءِ وجهندي وجهندي اوڙي پاڙي جون عورتون پاڻ ۾ ڳالهائينديون، کل ڀوڳ ڪنديون ته ڪنهن مهل پنهنجيون پريشانيون پڻ ونڊينديون. کل ڀوڳ ۾ هنن جو موضوع هوندو آهي ته ”اڄ ڪنهن جا وار ڌوتل آهن.“ جيڪڏھن ڪا وار ڌوئي اچي ته سڀ ملي ان کي چيڙائن. ”لڳي ٿو ته رات گهوڙي جي سواري ڪئي اٿائين“ چئي کلڻ لڳن.
جيئن ئي ڀارتي ڇت تي آئي سيما چيو ”اڄ به وار نه ڌوتا اٿئي ڀارتي! لڳي ٿو تنهنجو گهوڙو سست آهي.“
”نه ادي! اهڙي ڳالهه ناهي، منهنجي گهوٽ کي صبر ڪرڻ ايندو آهي.“ اهو جملو چوندي ڀارتي پنهنجي اندر جي مايوسيءَ کي لڪائڻ لاءِ منهن ٻئي طرف ڪري ڪپڙا سڪڻا وجهڻ لڳي.
جيئن ئي پوجا ڇت تي آئي ممتا چوڻ لڳي ”هيءَ ته مئي روز پئي گهوڙي جي سواري ڪري، لڳي ٿو هن جو گهوڙو ايڪسٽرا مائليج ڏيندو آهي.“
ممتا جي ائين چوندي ئي سڀئي زور سان کلڻ لڳيون ۽ پوڄا پنهنجي منهن شرمساري محسوس ڪرڻ لڳي.
”شڪل ڇو لٿل اٿئي پوجا!“ ڀارتيءَ پڇيو
”ڇا ڪيان، منهنجي گهوٽ کي روز گهرج ٿي ٿئي، جي منع ٿي ڪيانس ته ڪاوڙجي ٿو ۽ جي نه ٿي منع ڪيانس ته هنن عورتن کي روز ڳالهائڻ جو موقعو ٿو ملي وڃي، ڇا ڪيان سمجھ ۾ ئي نه ٿو اچي“
”اڙي! منع ڇو ٿي ڪرينس، هي ته سٺي ڳالھ آھي نه جو هو توکي ايترو پيار ٿو ڪري“
”ايترو پيار به ڪهڙي ڪم جو، جو پيار کان ئي انسان بيزار ٿي پوي.“
”پيار کان بيزاري!“ ڀارتي اچرج ۾ پئجي وئي ”پيار کان به ڪوئي بيزار ٿيندو آهي ڀلا؟“
”ها ٿيندو آهي نه، مان ٿي آهيان، مان ته سوچيندي آهيان آخر ايتري گهرج ٿيندي ڪيئن اٿس، ڪنهن کي ايتري گهرج به ٿي سگهندي آهي ڇا ڀلا؟“
”ها ٿي سگهندي آهي، پر تون نه سمجهندينءَ ڇو ته پيٽ ڀريل کي بک جو احساس نه هوندو آهي“ چئي ڀارتي خيالن ۾ گم ٿي وئي.
”پر مونکي هڪ ڳالهه نه سمجهه ۾ ايندي آهي، وار ڌوئڻ ڇو ضروري آهن ڀلا، وارن ڇا ڪيو؟ جيڪو انگ ڪم اچي ان کي ڌوئڻ ياد هجي نه هجي، زائفن کي وار ڌوئڻ ضرور ياد هوندا آهن، اڙي بابا! ويچارن وارن ڇا ڪيو، هو ته ٻڌل چپ چاپ پيا هوندا آهن، پوءِ به انهن تي ظلم“ پوجا اهڙي انداز سان چيو جو ڀارتيءَ کي کل اچي وئي. ”اڙي! توهان کلو ٿا، مان ته چوان ٿي هي وار ڌوئڻ واري روايت ئي بند ڪري ڇڏڻ کپي، نه هيءَ روايت هوندي نه ئي ڪنهن جي به ڪمري جا راز ظاهر ٿيندا.“
”چري آهين تون ته، هل هاڻي جلدي ڪپڙا وجهي هيٺ هلون. گهر جا ٻيا ڪم به انتظار ڪندا هوندا.“ چئي ٻئي ڄڻيون ڪپڙا وجهڻ لڳيون.
ٻئي ڏينهن تي ڪپڙا ڌوئڻ مهل ڀارتيءَ جي شوچن ۾ اٿل پٿل متل هئي ”پوجا چوي ته سهي پئي، هي وار ئي ته آهن جيڪي سڀني جي راتين جا راز کولين ٿا، نه ته ڪنهن کي به ڪيئن خبر پئي ته ڪنهن رات گهوڙي سواري ڪئي ۽ ڪنهن نه. اڙي ها! هي وار ئي ته آهن“ ڀارتيءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. ”هي وار ئي راز کوليندا آهن نه ته اڄ کان پوءِ هي وار ئي راز رکندا به“ سوچيندي ڀارتي سڌو هوديءَ ۾ هلي وئي ۽ پاڻيءَ جي بالٽي کڻي مٿي تي وڌائين.
***