ٽرمپ جي حامين جو آمريڪي پارليامينٽ تي حملو، چار ڄڻا مارجي ويا، بم هٿ
صدر ٽرمپ جي حامي مظاهرين ڪيپٽل بل (پارليامينت جي عمارت) تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن اتي ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس جاري هو، اجلاس جو مقصد جو بائيڊن جي صدارتي چونڊ ۾ سوڀ جي باقاعده تصديق ڪرڻ هو. پوليس موجب حملي دوران 4 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ريپبلڪن ۽ ڊيمو ڪريٽڪ نيشنل ڪميٽي هيڊ ڪوارٽرز مان 2 بم به هٿ ڪيا ويا آهن جن کي ناڪاره بنايو ويو آهي. ڪجهه ماڻهن کي هٿيارن سميت ڏٺو ويو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ناهي ڪئي وئي. ماڻهن کي هيٺ ويهڻ جو به چيو ويو. منظر عام تي ايندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽرمپ جا حامي مظاهرين عمارت جي درين ۽ شيشن کي ڀڃي عمارت جي اندر داخل ٿيا. مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو ۽ ان کان علاوه آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ 12 ڪلاڪن لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ڪرفيو مقامي وقت موجب شام 6 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين لاڳو رهندو. آمريڪي اختيارين مظاهرين کي 6 وڳي کان اڳ واشنگٽن ڊي سي مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ احتجاج جو دفاع ڪندي چيو ته اهڙا واقعا تڏهن ٿيندا آهن جن عوام کي چونڊن ۾ ان جي فتح کان پري رکيو وڃي. ڪافي وقت کان محب وطن آمريڪين جا حق ختم ڪيا پيا وڃن. هن ٽوئيٽ ڪيو ته مظاهرين پرامن طريقي سان گهر وڃن ۽ هن ڏينهن کي ياد رکن. آمريڪي صدر طرفان ان قسم جي ٽوئيٽ اچڻ کانپوءِ ٽوئيٽر تي ٽرمپ جي ٽوئيٽ کي هٽايو ويو ۽ فيس بڪ به ٽرمپ جو اڪائونٽ 24 ڪلاڪن جي لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. فيس بڪ انتظاميه جو چوڻ آهي ته ٽرمپ طرفان 2 ڀيرا فيس بڪ پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

