خاص

ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ هڪ ٻئي جا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو

India and Australia sign deal to use each other’s military bases

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم نريندر مودي ۽ ان جي آسٽريلوي هم منصب اسڪاٽ موريسن خميس جي ڏينهن هڪٻئي جي فوجي اڏن کي استعمال ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته وزيراعظم مودي ۽ اسڪاٽ موريسن جي وچ ۾ گڏيل لاجسٽڪس پورٽ جو هي معاهدو ورچوئل سمٽ ۾ طئي ٿيو هو. ڀارتي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي تعاون ۽ مشقن جي لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. ڀارتي ميڊيا موجب ورچوئل سمٽ ۾ نريندر مودي جو چوڻ هو ته هي ڀارت ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پارٽنرشپ ۽ بزنس جو نئون ماڊل آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ۽ آمريڪا جي وچ ۾ به اهڙي نوعيت جو هڪ معاهدو ٿيو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جو تعاون جو حصو آهي ته جيئن خطي ۾ چين جي اقتصادي ترقي ۽ فوجي توازن کي برقرار رکي سگهجي.