وزيراعظم جي وفاقي منصوبن ۾ بلوچستان جا تحفظات ختم ڪرڻ جي پڪ

Be sure to end Balochistan’s reservations in PM’s federal projects

وزيراعظم عمران خان وفاقي منصوبن جي حوالي سان بلوچستان جي خدشن کي گهٽائڻ جو يقين ڏياريو آهي ۽ چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي فلاح ۽ صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، جنهن لاءِ صوبائي حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي قيادت ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي. دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار اسرار ترين، نوابزاده خالد مگسي، سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ، احمد خان خلجي ۽ تاج آفريدي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وڏي وزير، وزيراعظم کي صوبي جي مجموعي صورتحال بابت خاص طور تي آگاهي ڏني. خاص طور تي ڪورونا وائرس جي روڪٿام ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن. وڏي وزير، وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان کي نظرانداز ڪرڻ بابت ٻڌايو ۽ صوبي کي وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ ان جو جائز حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان جي عوام جي فلاح ۽ صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، جنهن لاءِ صوبائي حڪومت کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments