وفاقي سرڪار ٽيڪس چورن جي خلاف مهم جو آغاز ڪيو آهي. جيئن ته ڪابه سرڪار پنهنجي ڪاروهنوار لاءِ ٻين آمدنين سان گڏ ٽيڪس جي آمدني تي انحصار ڪندي آهي. اسان وٽ لڳي ٿو ته ڄڻ رواج آهي ته آمدني تي لاڳو ٽيڪس ادا ئي نه ڪرڻو آهي. ان ڪري اسان کي پنهنجي سوشل سيڪٽر ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي کان وٺي زراعت ۽ صنعت جي ميدانن ۾ جيڪا گهربل مدد گهربي آهي اها پئسي جي اڻ هوند جي ڪري ٿي نه سگهندي آهي. تازو وفاقي سرڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۾ ناڪامي تي نوٽيس ورتو آهي، وزيراعظم ميان شهباز شريف فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري سسٽم تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ملڪ جي ٽيڪس گڏ ڪندڙ انهيءَ اهم کاتي جي ڪارڪردگي گهڻي بهتر نه رهي آهي. انهيءَ ڪري ٽيڪس جي مد ۾ ساليانه ٽارگيٽ گهڻو ڪري پورا نٿا ٿين. انگن جي هير ڦير ڪري ايف بي آر پنهنجي ناڪام ڪارڪردگيءَ کي لڪائيندي رهي آهي.
موجوده سرڪار جڏهن ننڍن ۽ وڏن واپارين تي ٽيڪس لڳائڻ جي رٿا جوڙي رهي آهي. تڏهن اسان جو اهو ٽيڪس گڏ ڪرڻ وارو ادارو جيڪو پنهنجي ڪارڪردگي ۾ ناڪام رهيو آهي اهو معيشت جي ٻين شعبن ۾ ٽيڪسن جي وصولي ڪيئن ڪري سگهندو؟ نتيجي ۾ خود وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف فيڊرل بورڊ آف روينيو تي تنقيد ڪئي آهي ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاريا ۽ ان جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ناڪام قرار ڏنو آهي. هونئن به عالمي مالياتي ادارا جيڪي اسان سان پئسي جي ڏيتي ليتي ڪن ٿا، جيئن انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ورلڊ بينڪ اهي هميشه پاڪستان جي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي نظام تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندا رهيا آهن. هڪڙي پاسي بين الاقوامي مالياتي ادارا اسان کي ٽيڪس جي وصولي جي ٻين شعبن جي طرف آماده ڪري رهيا آهن، جيئن ملڪ پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي. مطلب اهو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ آمدني ۽ خرچ پاڻ ۾ برابر هجن. اسان وٽ جيڪڏهن ٽيڪس جي وصولي جي نظام وسيع ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ شفافيت اچي ٿي ته اسان جي ملڪي آمدني جنهن کي مالياتي اصطلاحن ۾ جي ڊي پي چيو ويندو آهي، يعني ڪنهن به ملڪ جي ڪل آمدني جيڪا مختلف شعبن مان حاصل ڪئي وڃي ٿي. انهيءَ مالياتي آمدني ۾ ٽيڪس جو سيڪٽر سڀ کان اهم آهي، پر ٿيو ايئن آهي جو گذريل جمعي واري ڏينهن وزيراعظم ايف بي آر جي حالتن تي خود دخل ڏنو آهي ۽ ٽيڪس گڏ ڪندڙ مختلف ادارن جي آفيسرن کي معطل ڪيو آهي، ايستائين جو ايف بي آر جي 13 اعليٰ آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي. اهي آفيسر ٽيڪس چوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث هئا. اها ڪارروائي ايس آءِ ايف سي (SIFC) جي تحقيقات جي نتيجي ۾ ڪئي وئي آهي. چيئرمين ايف بي آر سميت 37 وڌيڪ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جو امڪان آهي.
انهيءَ سان گڏ وزيراعظم جي حڪم تي پاڪستان ڪسٽم سروس ۽ ان لينڊ روينيو سروس جي آفيسرن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي. اهو به ٽيڪس گڏ ڪندڙ اهم ادارو آهي. ملڪ جي درآمد ۽ برآمد جي شعبن ۾ انهيءَ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته انهيءَ اداري ۾ به ڪرپشن گهر ڪري وئي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايف بي آر جا ٻئي گروپ جن کي ان لينڊ روينيو سروس ۽ ڪسٽمرز گروپ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. وزيراعظم جو اهو قدم ملڪ جي مالياتي ادارن جي اصل صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو ته اهي ادارا جن کي مالي طرح ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي، انهيءَ جي افسر شاهي انهن ادارن کي اندرا کوکلو ڪري رهي آهي ۽ ملڪ جي مالياتي معاملن سان راند ڪري رهي آهي. انهيءَ عمل سان وزيراعظم ٽيڪس اصلاحات جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي اهو اڳيان وڌندو ۽ ٽيڪس ڪليڪشن ۾ اضافي سان گڏ اهو ٽيڪس گڏ ڪندڙ نظام به موثر ٿيندو ويندو جو معيشت جي بهتري جو سبب بڻبو. ملڪ جو عوام مالياتي نظام جي بهتري ۽ شفافيت چاهي ٿو، جيڪڏهن هيءَ سرڪار موثر ۽ شفاف مالياتي نظام ڏيئي سگهي ته اهو ملڪ جي ترقي لاءِ اهم هوندو.