11 فيبروري 2025 تي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل طرفان هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن موجب ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي رينڪنگ 2024 ۾ ٻه درجا وڌي وئي آهي ۽ پاڪستان ڪرپٽ ملڪن جي درجابندي واري فهرست ۾ 180 ملڪن مان 133 نمبر کان 135 نمبر تي اچي ويو آهي. هي ادارو پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪرپشن جي حوالي سان هر سال ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل برلن طرفان رپورٽ جاري ڪندو آهي. هن تازي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ ڪرپشن پهرين کان ٻه درجا وڌي وئي آهي. ڪرپشن هن وقت سڄي دنيا ۾ هڪ ناسور بڻيل آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي ملڪ غربت ۽ لاقانونيت جو شڪار بڻيل آهن، جنهن ۾ ٽين دنيا جا غريب ملڪ سڀني کان وڌيڪ ان مرض جو شڪار آهن.
ڪرپشن هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن جي ڪري جيڪو پئسو يا جيڪا طاقت رياست کي ملڻ گهرجي اها ان کي ملڻ بجاءِ انهن ماڻهن يا مافيائن جي بينڪ اڪائونٽن يا کيسن ۾ هلي وڃي ٿي جيڪي شاطر ۽ چالاڪ آهن ۽ پنهنجي حيثيت ۽ حق کان وڌيڪ ڪمائي ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچائين ٿا، جنهن جو ثبوت اسان جي ملڪ ۾ تازو ئي بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جو اسان جي سامهون آهي، جنهن غريبن جون زمينون کپائي ان تي پاڪستان جي مختلف حصن ۾ بحريه ٽائون جو بنياد وڌو ۽ ڪرپشن ڪرڻ تي هن ڪڏهن به شرمندگي جو اظهار نه ڪيو ۽ هميشه ميڊيا تي ويهي کلئي عام ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ته هو پنهنجي فائلن کي ڦيٿا لڳائيندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هو پنهنجا ڪم ڪڍرائڻ جي لاءِ غير قانوني طريقي سان پئسي جو استعمال ڪندو آهي ۽ ملڪ ۽ قوم کان اهو سڀ ڪجهه ڦري وٺندو آهي جنهن تي عوام جو حق آهي. اهو پاڪستان ۾ ڪو واحد ڪردار ناهي جيڪو وائکو ٿيو هجي، پر اهڙا ڪردار اسان کي هر جاءِ تي، هر ننڍي وڏي شهر ۽ پوري پاڪستان جي هر صوبي ۾ نظر ايندا، جنهن جي نشاندهي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس (CPI) ۾ ڪئي آهي. اها رپورٽ ٺاهڻ وقت ڪنهن به هڪڙي ذريعي سان معلومات حاصل نه ڪئي ويندي آهي بلڪه اها معلومات مختلف طريقن سان گڏ ڪري هڪڙو تصور ٺاهيو ويندو آهي ته ڪهڙي ملڪ ۾ هن وقت ڪرپشن جو رجحان وڌي رهيو آهي يا گهٽ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڊيٽا سورسز جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ايڪسپرٽ بزنس سرويز ڪيا ويندا آهن جنهن ۾ ان رپورٽ ٺاهڻ کان پهرين بنيادي طور تي جيڪي بين الاقوامي ڪاروباري ادارن جا سرواڻ آهن انهن کان انهن جا رايا ورتا ويندا آهن جن جي ساک سٺي هوندي آهي، جنهن ۾ ورلڊ بينڪ آرگنائيزيشن ورلڊ اڪنامڪ فورم ۽ اهڙا ٻيا ادارا اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه پنهنجي سر ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل اها معلومات يا ڊيٽا به گڏ ڪندو آهي. سرڪاري ادارن ۾ سرويز ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي آهي ته اتي ڪم ڪار ڪيئن هلي رهيو آهي ڇا اتي رشوت جي ڏي وٺ ته نٿي ڪئي وڃي يا پنهنجن کي نوازڻ يا جيڪي ترقياتي ڪم جي لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن انهن مان اهو ڪم ٿئي ٿو يا اتي ڪرپشن جو رجحان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سي پي آءِ ڪڏهن به سڌي سنئين معلومات حاصل نه ڪندي آهي بلڪه هو مختلف ذريعن کان گڏ ٿيل معلومات کي گڏ ڪري ۽ پوءِ پنهنجي رپورٽ ٺاهي مختلف ملڪن کي رينڪنگ ڏيندي آهي. ان اداري جي رينڪنگ جو هڪڙو اسڪيل 0 کان 100 تائين آهي، جنهن ۾ 0 جو مطلب آهي ته ملڪ تمام گهڻو ڪرپٽ آهي ۽ 100 جو مطلب هڪ صاف سٿرو ملڪ آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو پنهنجو هڪڙو نظام آهي جنهن سان هن ملڪ جي اها ڇنڊ ڇاڻ ڪري پوءِ ان کي پنهنجي انڊيڪس ۾ شامل ڪندي آهي. اها صرف سرڪاري ادارن جي ڪرپشن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪندي آهي، پر ان جو اطلاق خانگي ادارن تي ناهي ٿيندو، پر اتي به يقينن ڪرپشن ٿيندي هوندي جيڪا هن رپورٽ کان ٻاهر هوندي آهي. انهن سڀني شين جي باوجود سي پي آءِ کي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي مڃتا ڏني وڃي ٿي ۽ ان سان حڪومتون پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پنهنجي نظام کي بهتر ڪري ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مثبت ۽ ٺوس قدم کڻن ٿيون ته جيئن ڪرپشن جو خاتمو نه به اچي، پر ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.
اميد آهي ته پاڪستان جيڪو هڪ غريب ملڪ آهي ۽ آءِ ايم ايف جي قرض تي پنهنجو جياپو ممڪن بڻائي رهيو آهي. ان رپورٽ کانپوءِ اسان جون حڪومتون چاهي اها وفاقي حڪومت هجي يا صوبائي حڪومتون هجن سڀ گڏجي پاڪستان جي نظام مان جتي بيوروڪريسي کان وٺي عسڪري ادارن تائين ڪرپشن جو رجحان موجود آهي ان جي لاءِ اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وينديون جتي ڪرپشن کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ وسيلن جو استعمال ايئن ٿئي جو ان سان ملڪ ۽ قوم کي ترقي ڏياري سگهجي ۽ غربت جو خاتمو ڪري آءِ ايم ايف جي پروگرامن مان هن ملڪ کي آزاد ڪرائي سگهجي.