بلاگنئون

اسان جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ سماجي ناانصافيون

ڳوٺاڻي زندگي، جيڪا پنهنجي سادگي، قدرتي خوبصورتي ۽ ٻين گهڻن رنگن سان ٽمٽار لڳي ٿي. ٻئي طرف ڪيترن ئي مسئلن، فڪرن ۽ سماجي ناانصافين سان ڀري پئي آهي. ان زندگي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي بنيادي ضروريات جي اڻپوري فراهمي آهي، جن ۾ صاف پاڻي، صحت جي سهولت، تعليم وغيره جهڙين سهولتن جو فقدان اهم آهي. سنڌي سماج جا ڳوٺاڻا معاشرتي، اقتصادي ۽ ماحولياتي مسئلن جو شڪار ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ انهن جو روزگار، زندگي گذارڻ جو طريقو ۽ صحت سميت اهم ترين مسئلا شامل آهن. اڪثر ڪري ڳوٺن ۾ صاف پاڻي جو نه هجڻ هڪ اهم مسئلو آهي. گهڻن ڳوٺن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي اڻپوري نظر اچي ٿي، جنهن سبب اسان جو جياپو هڪ سواليه نشان لڳي ٿو. ماڻهن کي صاف پاڻي پيئڻ لاءِ دور دراز علائقن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو، پاڻي جي گهٽتائي ۽ آلودگي صحت جي سنگين مسئلن کي جنم ڏئي رهي آهي. ان حوالي سان اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ماتلي ويجهو ڦلڪاره هڪ تاريخي وڏو ڳوٺ ۽ هڪ ننڍڙو شهر پڻ آهي، جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ اٺ کان نو هزار هوندي، ٻئي پاسي ڦلڪارا ڳوٺ جي آسپاس جا ڳوٺ جهڙوڪ: شورا، سهتا، مزاري، لغاري، چانڊيا، وساڻ، هاليپوٽا، سيد، ڪورائي، پنهور، سومرا، شيخ ۽ ٻين ذاتين جا ڳوٺ آباد آهن.

سچ پچ ته ڦلڪارا ۽ ان جي آسپاس جا ڳوٺ ماضي ۾ ڏاڍا خوبصورت ۽ سرسبز رهيا آهن. ڦلڪاره ڳوٺ جو زراعت جي حوالي سان ايشيا کنڊ ۾ وڏو نالو رهيو آهي. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ڦلڪارو بصر جيڪو سنڌ بلڪه پوري دنيا ۾ مشهور رهيو آهي، اهو بصر جو ٻج به ڦلڪارا جي پيداوار آهي. ان کانسواءِ ڪيلو، ڪمند، ڪڻڪ، ڦٽي، ساريال جو فصل مطلب ته هر فصل وڏي پئماني تي ٿيندو هو.  ڦلڪارا ۾ واپار جي لحاظ کان پري پري جا واپاري ڪپھ، ڪڻڪ، ڪيلو، بصر وغيره خريد ڪري پنجاب جي لاهور منڊي ۽ ٻين هنڌن ڏانهن موڪلي خوب ناڻو ڪمائيندا هئا. هي خطو سکر بئراج مان نڪرندڙ روهڙي ڪئنال، نصير ڪئنال مان نڪرندڙ سومرڪي شاخ ۽ خچر شاخ جي پوڇڙ جي پاڻي تي آباد رهيو،  هتان جا زميندار ۽ هاري ماضي ۾ ڏاڍا خوشحال رهيا. هتان جو پورهيت طبقو به پنهنجي پيرن تي بيٺل نظر ايندو هو، پر بدقسمتي سان گذريل ٽيهن سالن کان سومرڪي ۽ خچر شاخ جو پاڻي ختم ٿي ويو. هن وقت هتان جي علائقن ڳوٺن جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي چڪا آهن. زمينون بنجر ٿيڻ ڪري زراعت جي حوالي سان هي شاهوڪار علائقو تباهه و برباد ٿي چڪو آهي. هتان جا زميندار، هاري ۽ پورهيت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ان سان گڏ اڪثر ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري پيئڻ جو پاڻي به وڏو مسئلو آهي. هتان جون عورتون ۽ مرد گهڙا سر تي رکي پري پري تائين پنڌ ڪري بخاري درگاهه ۽ ٻين هنڌن تان پاڻي ڀري پنهنجي ضرورت پوري ڪن ٿا. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڻي جي کوٽ سبب هن علائقي ڳوٺن جا ڪافي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ڀر وارن شهرن ۽ ٻين هنڌن تي وڃي آباد ٿيا آهن.

ان کانسواءِ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ صحت جا مرڪز نه هئڻ ۽ علاج جون اڻپوريون سهولتون ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه آهن. غريب ماڻهو صحت جي بنيادي سهولتن کان هڪ ڊگهي عرصي کان محروم آهن. اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڳوٺاڻي زندگي ۾ هڪ ٻيو اهم مسئلو بيروزگاري ۽ غربت آهي. گهڻا ڳوٺاڻا پنهنجي جياپي لاءِ زراعت يا چوپائي مال تي گذر ڪن ٿا۔ قدرتي آفتن، صاف پاڻي ۽ مال جو چارو نه هئڻ ڪري مال مختلف بيمارين سبب مري وڃي ٿو. جڏهن ته مال جي بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ علاج جي بروقت سهولت پڻ موجود نه آهي. غربت، مهانگائي، روڊ رستا، بجلي گئس نه هئڻ سان گڏ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب اسان جي ڳوٺاڻي زندگي ترقي ڪرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي وڃي. ان ڳالھ کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي ته خوشحال زندگي گذارڻ لاءِ ڳوٺاڻي تنظيم جي اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان ڳوٺاڻي زندگي کي ٻيهر بحال ڪري سگهجي ٿو. ائين ڪرڻ سان ئي ڳوٺاڻي سطح تي ٿيندڙ سماجي ناانصافين جو انت اچي سگهي ٿو.