ٽنڊو محمد خان ۾ گئس جا ذخيره دريافت

ٽنڊو محمد خان ويجهو ڳوٺ حافظ آباد ۾ او جي ڊي سي ايل گئس جا ذخيرا دريافت ڪيا آهن. او جي ڊي سي ايل مطابق گئس جي هن ذخيرن مان اعليٰ معيار جي گئس هٿ آئي آهي. او جي ڊي سي ايل مطابق تيل ۽ گئس جي تلاش لاءِ وڏي پئماني تي تلاش جاري هئي، ان دوران هڪ زميندار عطا محمد مڱرئي جي زمين مان قدرتي گئس جا هي ذخيرا هٿ آيا آهن. هنن ذخيرن مان گئس جي منتقلي لاءِ جلد پائيپ لائين وڇائي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *