قومي ايڪي کي نقصان پهچائيندڙ برادري سسٽم
انسان تهذيب يافته ٿيڻ کانپوءِ گڏجي رهڻ سکيو ۽ معاشري لاءِ قائدا ۽ قانون جوڙيا ويا، سزا ۽ جزا جو عمل شروع ٿيو ۽ وقت سان گڏ انسانن جي واڌ ويجهه ٿيندي رهي ۽ پوءِ طاقتور ۽ ڪمزور قومن جو تصور پيدا ٿيو ۽ ڏاڍين قومن ڪمزورن مٿان حملا ڪري کين غلام بنائڻ ۽ ٽيڪس ڀرڻ لاءِ آماده ڪيو. وري دنيا جي طاقتور ترين قومن يعني انگريزن ۽ ڊچن پوري دنيا جي ڪمزور ملڪن کي پنهنجي ڪالوني بڻايو. نيٺ ٻين مهاڀاري جنگ کانپوءِ اقوام متحده جو وجود آيو جن رياستن کي ۽ قومن کي آزاد رهڻ جو حق ڏنو ۽ ان حق جي حفاظت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دنيا ۾ مروج ڪالونيل دور جو ڪنهن حد تائين خاتمو ٿيو. آزاد رياست ۽ قوم جو تصور پيدا ٿيو ۽ نيٺ عوام جي نمائندن کي حڪمراني جو حق مليو ۽ عوام اندر اهو احساس پيدا ٿيو ته اهي سڀ برابر آهن بنا ڪنهن ذات پات، درجي ۽ طبقي جي. اسان جو ملڪ به 1947ع ۾ آزاد ٿيو ۽ عوامي راڄ قائم ٿيو، عوام کي اميد هئي ته هاڻي اهو ملڪ سندن لاءِ آهي ۽ سڀ پاڪستاني آهيون ننڍ وڏائي جو تصور نه رهندو ۽ سڀ هڪ قوم آهيون، پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان جو عوام امير ۽ غريب جي فرق مان ته ڪڏهن به آزاد نه ٿي سگهيو، پر اسان پاڻ کي ذات ۽ برادريءَ جي چڪر مان پڻ آزاد ڪرائي نه سگهياسين، ان جا ڪيترائي سبب آهن جنهن ۾ سڀ کان وڏو سبب معاشي ترقيءَ جا موقعا سڀني کي برابر نه ملڻ ۽ طبقاتي نظام آهي. انهن ٻن سببن جي ڪري سماج کي ورهائڻ تمام آسان ٿي چڪو آهي. پوءِ ڪڏهن ماڻهن کي مذهب جي نالي تي مختلف فرقن ۾ ورهايو ويو آهي ته ڪڏهن رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ماڻهن کي ترقيءَ جا موقعا فراهم نه ڪيا ويا آهن. اسان جو تعليمي نظام ان طبقاتي فرق کي هن وقت تمام گهڻي هٿي ڏيئي رهيو آهي. اميرن جي ٻارن لاءِ ڌار اسڪول ته غريبن جي لاءِ ڌار اسڪول جتان نڪرندڙ ٻارن جون ذهني صلاحيتون به ورهايل ٿين ٿيون ۽ اهي ٻئي ٻار سماج ۾ هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جوڳا نٿا رهن. جنهن جو سڌو سنئون فائدو استحصال ڪندڙ طبقي کي پهچي ٿو ۽ اهو طبقو ئي آهي جيڪو نٿو چاهي ته سڀني ماڻهن کي برابريءَ جي بنياد تي عزت، تعليم ۽ ترقي جا موقعا ملن ان ڪري هو ماڻهن کي مختلف نالن ۾ ورهائڻ چاهي ٿو جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي رهيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ تعليم کانسواءِ انصاف به ورهايل آهي، غريب کي انصاف جي فراهميءَ ۾ ڊگهو عرصو انتظار ڪرڻ کانپوءِ به پڪ نه هوندي آهي ته انصاف ملندو يا نه؟ پر هڪ امير شخص پنهنجي لاءِ انصاف خريد ڪرڻ ۾ گهڻو ڪري ڪامياب ٿي ويندو آهي. انهن طبقاتي فرقن ۽ نا انصافين سبب غريب کي ڪنهن طاقتور جو ڏڍ ڳولهڻو پوندو آهي ۽ هو پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي پنهنجي قبيلي يا ذات اندر پنهنجي ڪنهن طاقتور شخص اڳيان جهڪي پوندو آهي ۽ ايئن ذات ۽ برادري جي ورهاست ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. جيڪو اسين پنهنجي ملڪ ۾ دنيا جي ترقي يافته دور ۾ پڻ ڏسي رهيا آهيون، اسريل دنيا ۾ اهڙي قسم جو رواج ڪيترو وقت پهرين ختم ٿي چڪو آهي، پر اسان وٽ جيئن جو تيئن نه صرف جاري آهي، پر ان ۾ واڌ اچي رهي آهي. ڪنهن وقت ۾ سيد- پير ۽ ڪجهه ٻاهران کان لڏي آيل ذاتين جا فرد ان برادري سسٽم تحت هلندا هئا، پوءِ ضياءُ الحق جي دور ۾ ذاتين ۽ برادرين جي ورهاست وڌڻ لڳي جنهن کي آمر پرويز مشرف وڌيڪ هٿي ڏني مختلف ذاتين جي ماڻهن کي همٿايو ويو ته اهي پنهنجو ڌار پليٽ فارم ٺاهي سرداريءَ جي لاءِ هڪ چڱي مڙس کي چونڊي ان کي پڳ پارائين. جنهن ۾ اسان جي سياسي پارٽين جي ڪيترن ئي چونڊيل نمائندن پڳون ٻڌي سرداريءَ جو اعلان پڻ ڪيو آهي، برادري سسٽم جي انهيءَ روش ڪمزور کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو آهي ۽ طاقتور کي وڌيڪ طاقت فراهم ڪري رهي آهي. ڇو ته سردار جي طاقت ۾ پئسو ۽ حڪمراني به شامل آهي ۽ باقي سڀ رعايا آهي. هاڻي هو سندس چوڻ ۾ هوندو ته سندس ڪم به آسانيءَ سان ٿيندا. ان طريقي سان فرد جي آزادي ۽ آزاد سوچ جو خاتمو ٿئي ٿو ۽ عوام جو رياستي نظام تان ڀروسو به ختم ٿئي ٿو ۽ سندس ڀروسو ان سردار ۾ وڌي ٿو جيڪو سندس برادريءَ جو چڱو مڙس آهي، ان سان قومي تشخص کي ۽ اتحاد کي تمام گهڻو ڇيهو رسيو آهي. هاڻي ته قبيلن اندر قبيلا ۽ ذاتين اندر ذاتين ۾ ماڻهو ورهائجي رهيو آهي. جڏهن پاڻ ۾ قومي ايڪو نه هوندو ته پوءِ هڪ فرد طاقتور ڪيئن ٿيندو، اهو ئي مقصد طاقتور ماڻهن جو آهي ته هو ڪنهن به طريقي سان عوام کي ڪمزور رکن، ان کي طاقتور ٿيڻ نه ڏين. عوام جو بجاءِ ملڪ جي قانون جي مٿان ڀروسو ۽ يقين هجڻ جي پنهنجي قبيلي يا برادريءَ جي ڀوتار يا سردار مٿان هجڻ لاءِ ڪوششون ڪن. قبيلائي جهيڙا پيدا ڪرايا وڃن، جن ۾ شريف، غريب ۽ ڪمزور ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويهن. اوهان کي ڪنهن به قبيلائي جهيڙي ۾ ڪوبه سردار مارجندي نظر نه ايندو. ڇو ته سردارن جو پنهنجو اتحاد آهي جيڪو طاقت جو سرچشمو آهي هو ان اتحاد کي قائم رکڻ چاهين ٿا، هو پاڻ ۾ گڏ هوندا آهن، پر عوام کي برادريءَ جي نالي تي ورهائي رکندا آهن. اتي ذميداري رياست جي مٿان اچي ٿي ته هو اهڙي برادري سسٽم کي وڌڻ ۽ ويجهڻ کان روڪي ۽ عوام جي ورهاست کي ننڍين ننڍين ذاتين ۽ ننڍن ننڍن قبيلن ۾ ٿيڻ کان ٻنجو ڏئي. رياست سان گڏ عوام کي به اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو پاڻ کي ڪمزور ڪري برادري سسٽم کي مضبوط ڪندو يا پاڻ کي مضبوط ڪري برادري سسٽم کي ڪمزور ڪندو. ڇو ته قبيلائي برادريون صرف هڪ شخص کي طاقت ڏيڻ لاءِ هونديون آهن نه ڪي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ.