وزيراعظم طرفان ڪيل سنڌ جي دوري دوران سنڌ حڪومت طرفان سندس آڏو احتجاج ڪيو ويو ته وفاقي سرڪار سنڌ کي وفاق طرفان ڪي به نيون اسڪيمون نه ڏيئي رهي آهي، جيڪا سنڌ سان ٻه اکيائي آهي. صرف ايترو نه پر، سنڌ جي حصي جي رقم جيڪا وفاق طرفان ورڇ جوڳي پول مان ملندي آهي ان ۾ به 28 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ترقياتي اسڪيمن ۾ رکيل بجيٽ ۾ پڻ 19 ارب رپيا اپريل جي 24 تاريخ تائين جاري نه ڪيا ويا آهن ۽ نئين بجيٽ اچڻ ۾ صرف هڪ مهينو باقي بچيو آهي. ان کان علاوه ٻوڏ متاثرين جا گهر ٺاهڻ لاءِ 50 سيڪڙو رقم وفاق کي ڏيڻي آهي اها به نه ڏيئي رهي آهي. ان جي احتجاج ۾ سنڌ سرڪاري ٽيڪس اوڳاڙي بند ڪري سگهي ٿي.
جتي ترقياتي فنڊن جي لاءِ رقم جي تقاضا ڪرڻ سي ايم سنڌ جو عمل بهتر نظر آيو، اتي جڏهن اسان اهو ڏسون ٿا ته پاڻيءَ جي حوالي سان سنڌ ۾ پيدا ٿيل کوٽ جيڪا ارسا طرفان زبردستي ڪئي وئي آهي، ان تي وزيراعليٰ سنڌ جو ڪوبه احتجاجي بيان نظر نه آيو. ان کان علاوه صوبي جي امن امان جي حوالي سان پڻ وزيراعليٰ شڪايت ڪندي نظر نه آيو. شڪايت چئجي يا وفاق کان مدد جي گهر چئجي. ڇو ته ائين نظر اچي پيو ته سنڌ سرڪار صوبي جي عوام کي امن امان ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي شايد هن وٽ اهليت نه آهي جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ وفاق کان مدد وٺڻ ۾ ڪوبه هرج نه آهي. ان کان پهرين به وفاق سنڌ جي مدد ڪندو رهيو آهي. 1993ع هجي يا 2013ع وفاق طرفان سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور مدد ڪئي وئي هئي جنهن جو خاطر خواهه نتيجو پڻ نڪتو هو ته پوءِ سي ايم سنڌ کي اهڙي قسم جي گهر ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ نه گهرجي. گهر نه ڪرڻ ۾ شايد هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته جتي امن امان خراب ڪندڙ ڌاڙيلن کي سهولتڪاري ڪندڙ طاقتور ماڻهو حڪومت اندر ويٺا هجن ته پوءِ اتي سي ايم سنڌ کي شڪايت ڪرڻ ۾ عار محسوس ضرور ٿيو هوندو. هاڻي ڏسون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ صوبي جو وزيراعليٰ عوام کي امن امان نٿو ڏيئي سگهي ته پوءِ يقينن فرض رياست جو آهي، رياست وٽ ايتري طاقت ضرور آهي ته هو چند آڱرين تي ڳڻجندڙ ماڻهن کي قابو ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائي سگهي ٿي. اهي ڌاڙيلن جي روپ ۾ هجن، پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن جي روپ ۾ هجن، پيرن، ڀوتارن، مرشدن ۽ سردارن جي روپ ۾ هجن پر، آهن ٿورا.
رياست کي گهرجي ته انهن کي لغام وجهي. رياستي سيڪيورٽي ادارا جنهن ۾ پوليس، پيرا ملٽري فورسز ۽ خود فوج پڻ اچي وڃي ٿي. جيڪڏهن هن وقت وزيرستان ۾ فوج دهشتگردن جي صفائي لاءِ ميدان عمل ۾ آهي ته پوءِ ڌاڙيلن جي روپ ۾ سنڌ اندر دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ پڻ سندس فرض ۾ شامل ٿئي ٿو. پوليس ته اهو ٿي چوي ته اسان وٽ اهڙو جنگي هٿيار نه آهي، جن سان اسان ڪچي جي ڌاڙيلن جو مقابلو ڪري سگهون ۽ ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته ڌاڙيلن کي هٿيار پوليس ۽ اتان جا طاقتور حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو پهچائڻ ۾ مشغول آهن ته پوءِ آخرڪار عوام جون نظرون رياست جي انهيءَ اداري طرف وڃن ٿيون جنهن وٽ هٿيار، تربيت ۽ افرادي قوت جي کوٽ نه آهي. وفاقي سرڪار سنڌ جي عوام کي امن امان ڏيڻ جي لاءِ وٽس موجود سڀئي وسيلا ڪتب آڻي هڪ سخت قسم جو آپريشن ڪري جنهن ۾ جيڪو به ڏوهاري هجي ڀلي پوءِ ڪيترو به طاقتور هجي ان کي سر عام سزائون ڏئي ته امن امان ٿيڻ ۾ دير نه لڳي. عوام جي ان پراڻي مطالبي تي رياست ڪڏهن ڌيان ڏيندي.