ايڊيٽوريل پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي October 22, 2024 Zahida Abro عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ مسلسل گهٽتائي جو اشارو ڏنو آهي. هڪ رپورٽ ۾ آءِ ايم ايف ملڪ ۾ ايندڙ پنج سال مهانگائي سنگل ڊجٽ ۾ رهڻ جو تخمينو لڳايو آهي. ملڪ جي غريب عوام لاءِ يقينن اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اهي گذريل ڪجهه سالن کان مهانگائيءَ جي عذاب کي منهن ڏيئي رهيا آهن. اهو سڀ تڏهن شروع ٿيو جڏهن اسان جا حڪمران غلط مالياتي فيصلا ڪندا رهيا ۽ ملڪ جون معاشي ۽ مالي حالتون انهيءَ حد تائين وڃي پهتيون جو ملڪ جي ڏيوالي جي حد تائين وڃي پهتو ۽ اسان وٽ پرڏيهه کان سامان گهرائڻ لاءِ به پئسا نه هئا. تڏهوڪي سرڪار جنهن کي پي ڊي ايم-1 چيو وڃي ٿو انهيءَ وٽ سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونه هو جو اها تيل جون قيمتون وڌائي ۽ پيداوري شين تي ٽيڪس لڳائي. نتيجي ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي ۽ عام ماڻهو لاءِ جيئڻ مشڪل ٿي پيو. انهيءَ زماني جا سروي اهو ظاهر ڪن ٿا ته ملڪ جي آباديءَ جا 70 سيڪڙو ماڻهو مهانگائي کي ملڪ جو سڀني کان وڏو مسئلو سمجهي رهيا هئا. ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري هيٺيون وچيون طبقو ۽ گهٽ آمدني وارا ماڻهو گهڻو متاثر ٿيا. مهانگائي ڄڻ هر گهر کي سڌو سنئون نشانو بڻايو ۽ جيئڻ ڄڻ ڏکيو ٿي پيو هو. اسان جو وطن جنهن ۾ بيروزگاري ۽ غربت ٻن وڏن مسئلن طور ظاهر ٿي آهي. گڏوگڏ اهو به ٿيو ته ملڪ جي (جي ڊي پي) گهٽجي وئي. اهڙو ملڪ جيڪو سال 2016-2017 ۾ ڇهه سيڪڙو جي ڊي پي رکي پيو، اهو هڪ سيڪڙو جي ڊي پي تائين اچي ويو. جڏهن مجموعي قومي پيداوار گهٽبي آهي تڏهن اتي لازمي آهي ته روزگار جا موقعا به گهٽجي وڃن ٿا. هڪ طرف مهانگائي ۽ ٻئي طرف بيروزگاري، ماڻهو ڄڻ ٻن طرفن کان پيڙهجي رهيو هو. ٻئي طرف ترقي يافته ملڪن ۾ اها ڳالهه به هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن هڪ طرف مهانگائي آهي ته ٻئي طرف ماڻهوءَ جي آمدني وڌيڪ آهي ته ماڻهو منهن ڏيو وڃي. هتي اسان وٽ هڪ طرف 38 سيڪڙو مهانگائي هئي ته ٻئي طرف ماڻهن جي آمدني گهٽجي رهي هئي، جنهن سان انهن جي قوت خريد جو متاثر ٿيڻ لازمي هو. اسان وٽ قوت خريد ئي بنيادي مسئلو آهي. اسين موجوده سرڪار کان اها توقع ڪريون ٿا ته اها روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪندي جنهن سان ماڻهن جي قوت خريد ۾ اضافو ٿيندو. هتي اسين اها ڳالهه به ڪندا هلون ته موجود وقت ۾ دنيا جون حالتون ايتريون سٺيون ناهن. خطي ۾ جنگ جي صورتحال آهي ۽ مهانگائي سڄي دنيا ۾ هڪ حقيقت جي طور تي موجود آهي. انهيءَ جو اثر لازمي آهي ته اسان تي به پئجي رهيو آهي. اسان جي گذريل پي ڊي ايم-1 سرڪار جنهن ملڪ کي اقتصادي ۽ معاشي مسئلن کان بچائڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا انهن جي ڪري مهانگائي لازمي ٿيڻي هئي. وزيراعظم ميان شهباز شريف جي گذريل ۽ موجوده سرڪار اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته اها مهانگائي تي قابو پائيندي. عالمي مالياتي اداري جي تازي رپورٽ انهيءَ جي ان دعويٰ کي حقيقت ۾ بدلايو آهي. جيئن ته آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ايندڙ پنجن سالن لاءِ معاشي ۽ مالياتي استحڪام جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهيءَ رپورٽ جي اهم ڳالهه اها آهي ته ان اهو تخمينو لڳايو آهي ته ايندڙ پنج سال مهانگائي سنگل ڊجٽ ۾ رهندي. هڪ اهڙي ملڪ لاءِ جنهن جي مهانگائي جي شرح ڪجهه سال پهرين 38 سيڪڙو هئي، تڏهن اها رپورٽ عام پاڪستاني لاءِ اطمينان جوڳي آهي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ مهانگائي ڪونه وڌندي. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته سرڪار، معاشي ۽ مالياتي ماهر هن ملڪ جي ماڻهن لاءِ ايترو ڪن جو اسان جي زرعي ۽ صنعتي ترقي تيز ٿئي، جيئن عام پاڪستاني جي قوت خريد وڌي سگهي. آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ اهو چيو آهي ته مالي سال 25-2026 ۾ مهانگائي جي شرح 7.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي ۽ ايندڙ مالي سالن ۾ آءِ ايم ايف پنهنجي پورٽ ۾ مهانگائي کي انهيءَ کان به گهٽ ڊجٽ ۾ ظاهر ڪري رهيو آهي، جيئن مالي سال 26-2027 ۾ مهانگائي 6.5 سيڪڙو رهندي. جيڪڏهن اسان جي وزارت خزانه، اسان جا معاشي ۽ مالي ماهر اهڙو نظام متعارف ڪرائين جنهن سان عام ماڻهو جي قوت خريد وڌي سگهي ته پوءِ اسان جو ملڪ ترقي يافته ملڪن جي رستي تي هوندو. Post Views: 211