سنڌ سرڪار پاران سڀاڻي کان 20 لک ڪٽنبن کي راشن ڏيڻ جو اعلان

جاري ڪيل پڌرائي موجب لاڪ ڊائون سبب سنڌ سرڪار پاران 20 لک ڪٽنبن کي راشن ڏيڻ واري اعلان تي سڀاڻي کان عمل ڪيو ويندو. سنڌ جي تعليم ۽ پورھئي کاتي واري وزير سعيد غني جو چوڻ آھي ته مستحق ماڻھن جو سروي ڪرايو پيو وڃي، ڪجھ تفصيل گڏ ٿي چڪا آھن پر مستحقن کان آن لائن درخواستون پڻ گھرايون وينديون. ھن چيو ته سنڌ سرڪار ھڪ ھيلپ لائن نمبر جاري ڪندي، جنھن ذريعي مستحق ماڻھو پنھنجون درخواستون سرڪار تائين پھچائيندا. نادرا ۽ اسٽيٽ بينڪ کان مستحقن جا تفصيل ورتا ويندا. صوبائي وزير چيو ته جيڪڏھن ڪنھن به ماڻھو جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 20 ھزار رپيا آھن ته انھن کي رقم منتقل نه ٿيندي، پر جيڪڏھن حقيقت ۾ ڪو مستحق آھي ته سندس مدد ڪئي ويندي. اھڙي ريت مستحقن جي مدد ٿي ويندي ۽ ان عمل ۾ ڪا بدعنواني به نه ٿي سگھندي. سعيد غني چيو ته سندن ڪوشش آھي ته مختلف فلاحي ادارن سان گڏجي اعلان تي عمل ڪرايون. وڏي وزير جو اڄ ان حوالي سان امڪاني اعلان به متوقع آھي