لاڪ ڊائون نه ڪنداسين، وزير اعظم

قوم کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته لاڪ ڊائون جو بحث ھلي رھيو آھي، ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته ان جو مطلب ملڪ ۾ ڪرفيو لڳائڻ آھي. ائين ڪري سگھان ٿو پر اسان جو مسئلو اھو آھي ته 25 سيڪڙو پاڪستاني غربت جي لڪير ھيٺان زندگي گذاري رھيا آھن ۽ انھن وٽ ايترا وسيلا نه آھن جو ھو ٻن ھفتن تائين پنھنجي عيال جو پيٽ پالي سگھن. جيڪڏھن پورو لاڪ ڊائون ڪيان ٿو ته رڪشا ھلائيندڙ ڏھاڙي ڪمائڻ وارا ماڻھو پنھنجي ٻارڙن کي ڪيئن کارائي سگھندا. اسان اسڪول، يونيورسٽيون ۽ شاپنگ سينٽر بند ڪري ڇڏيا آھن پر عوام کي پاڻ پنھنجو پاڻ کي لاڪ ڊائون ڪرڻ گھرجي. وزير اعظم چيو ته کاڌي پيتي وارين شين جي ڪا به کوٽ نه آھي