سنڌ حڪومت جو اڄ کان 15 ڏينھن لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان

جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ پاران رات 12 وڳي کان 15 ڏينھن لاءِ سڄي صوبي ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آھي، جيڪڏھن عوام ساٿ نه ڏنو ته محنت تي پاڻي ڦري ويندو. وڏي وزير چيو ته اڄ کان سمورين آفيسن ۽ اجتمائن جا ھنڌ بند رھندا، ماڻھن جي غير ضروري گھران نڪرڻ تي پابندي ھوندي. جيڪو حڪومتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندو، ان کي گرفتار ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڪم سان ٻاھر نڪري ٿو ته ان وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ھئڻ ضروري آھي. لاڪ ڊائون ۾ طبي سھولتون جاري رھنديون. مريض سميت 3 ماڻھو ھڪ ئي گاڏي ۾ سفر ڪري سگھن ٿا. ھڪ گاڏي ۾ فقط ھڪ ماڻھو کي سفر ڪرڻ جي اجازت ھوندي. لاڪ ڊائون دوران سرڪار، سياسي جماعتون ۽ سکيا ستابا ماڻھو گڏجي غريبن جي گھرن تائين راشن پھچائيندا يا راشن جا پئسا ڏيندا. ھن جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن 15 ڏينھن ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته سمورن ماڻھن کي وبا کان بچائي وٺنداسين. مراد علي شاھ چيو ته سڀني سياسي پارٽين ۽ عالمن سان صلاح کان پوءِ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. مھانگائي ۽ ذخيرا اندوزي کي روڪيو ويندو. لاڪ ڊائون دوران ضروري سروسز، کائڻ پيئڻ جي ھر شيءِ جي فراھمي جاري رھندي