ملڪ ۾ چونڊون خير خوبي سان ٿي ويون ۽ انهي جا نتيجا به مڪمل ٿي ويا آهن. ملڪ ۾ چونڊن جي جيڪا تاريخ آهي انهيءَ ۾ هي چونڊون پرامن نموني ٿيون آهن. ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن تي ملڪ جي عوام ته ووٽ ڏئي ان ۾ حصو ورتو، پر عالمي برادري به انهيءَ کي ڏسي رهي هئي. ڇاڪاڻ جو انهن ڄاتو ٿي ته پاڪستان موجوده وقت ۾ اقتصادي ۽ مالياتي مسئلن، سياسي عدم استحڪام سان گڏ دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندن سان به مقابلي واري صورتحال ۾ رهيو آهي. انهيءَ صورتحال ۾ ملڪ جو عوام ۽ بين الاقوامي راءِ عامه انهيءَ نتيجي تي پهتل هئي ته اسان وٽ نيون چونڊون ۽ ان جي ذريعي ٺهندڙ حڪومت کانسواءِ ڪوبه رستو نه هو. هونئن به جمهوري عمل جو جاري هجڻ ملڪ لاءِ فائديمند آهي، اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته جمهوري عمل جو تسلسل ملڪي نظام ۾ موجود نقص گهٽ ڪندو ۽ ملڪ کي بهتري ڏانهن وٺي ويندو.
جمهوري عمل سياسي استحڪام کان وٺي زراعت ۽ صنعت جي شعبن ۾ ترقي جي سفر ۾ ملڪ سان هم قدم هوندو ته ترقي يقيني آهي. 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن تي برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين متضاد ردعمل ڏنو آهي. برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين ٽنهي پنهنجي ردعمل ۾ مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي ووٽ جي حق جي استعمال ڪرڻ تي پاڪستان جي عوام جي تعريف ڪئي آهي ۽ خواتين ووٽرن جي تعداد ۾ اضافي کي خوش آئند قرار ڏنو آهي. انهيءَ سان گڏ ئي انهن انتخابي عمل جي شفافيت تي سوال پڻ اٿاريا آهن. انهن پنهنجي ردعمل ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پيل پابندين تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اهو سڀ انهن اليڪشن واري ڏينهن تي موبائل فون جي بندش جي سلسلي ۾ چيو آهي.
اسانجو جمهوري عمل جهڙوڪر نئون آهي، اسين سکي رهيا آهيون. يورپي يونين اهو به مڃيو آهي ته پاڪستان کي ويجهن ڏينهن ۾ دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ان سڀ جي باوجود اهي مڃن ٿا ته پاڪستان ۾ ماڻهن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي ۽ انهن پنهنجا اميدوار چونڊيا آهن، جيڪي اسيمبلين ۾ پهچي انهن لاءِ بهتر قانونسازي ڪندا. گڏوگڏ چونڊن متعلق عالمي ميڊيا جو ذڪر ڪندا هلون ته هڪ اخبار مطابق چونڊن جي ذريعي اقتدار ۾ اچڻ واري حڪومت لاءِ ملڪ جي معيشت جي بحالي ۽ پاڪستان جا پاڙيسري ملڪن سان تعلقات ۾ بهتري وڏا چئلينج هوندا. عالمي ميڊيا اهو به چوي ٿي ته ملڪ کي بهتر حڪمراني جي ضرورت آهي. 2018 جي چونڊن ۽ 2024 جي چونڊن جي متعلق گهڻا سوال آهن، پر جيڪڏهن چونڊن جو اهو عمل جاري رهيو ته جمهوريت گهڻن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي. سڀني کان وڏو مسئلو سياستدانن جو هڪ ٻئي تي اعتبار آهي. سياستدانن ماضي ۾ ميثاق جمهوريت به ڪيو آهي. جيستائين سياستدان هڪ ٻئي تي اعتبار نه ڪندا، تيستائين سول سپرميسي جو مڪمل حصول خواب ئي رهندو. عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جا ادارا پنهنجي رپورٽن ۾ چون ٿا ته اقتدار ۾ اچڻ اهم ڪونهي، بلڪه جمهوري عمل ۽ چونڊون انساني حقن ۽ سماج جي بهتري لاءِ حقيقي عزم سان معاشري کي اڳيان وٺي هلڻ جو نالو آهي.
8 فيبروري 2024 تي ٿيل چونڊن تي برطانيا، آمريڪا، يورپي يونين جو رد عمل جيتوڻيڪ بهتر نه آهي، ان جي باوجود انهن اهو چيو آهي ته اهي پاڪستان جي نئين حڪومت سان ملي سيڪيورٽي، معيشت، انساني حقن ۽ بهتر حڪمراني جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو يقين ڏيارين ٿا، ان سان گڏ انهن اهو پڻ مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊ عمل ۾ جتي به بي قاعدگيون ٿيون آهن، انهن جي مڪمل تفتيش ٿيڻ ضروري آهي. بهرحال اليڪشن ڪميشن تي تمام گهنا سوال آهن، ڏسون ٿا ته انهن سوالن جو اليڪشن ڪميشن ڪهڙو جواب ڏئي ٿي.