ملڪ ۾ جيڪا به وفاقي سرڪار ٺهندي آهي، ان جو منظور نظر صوبو پنجاب هوندو آهي. وفاقي سرڪار ڪنهن به صورت ۾ پنجاب کي ناراض ڪرڻ نه چاهيندي آهي. اها سرڪار پيپلز پارٽي جي هجي، پي ٽي آئي جي هجي يا مارشل لا دور ۾ اسٽيشبلمينٽ جي هجي، پر جڏهن سرڪار نواز ليگ جي هوندي آهي، ان وقت ائين محسوس ٿيندو آهي ته ملڪ جي باقي ٽن صوبن سان وفاقي سرڪار جو ڪوبه تعلق ۽ واسطو نه آهي. نواز ليگ سرڪار لاءِ صرف ۽ صرف پنجاب صوبي جي اهميت هوندي آهي. وفاقي سرڪار طرفان ٺهندڙ گهڻي کان گهڻا منصوبا صرف پنجاب صوبي جي لاءِ هوندا آهن.
موجوده وفاقي سرڪار ۾ پڻ ائين ٿي رهيو آهي، جيتوڻيڪ موجوده وفاقي سرڪار صرف نواز ليگ جي نه آهي، ان سان گڏ پيپلز پارٽي جو اتحاد آهي، پر پيپلز پارٽي وفاقي وزارتن ۾ حصو نه ورتو آهي. ان اتحادي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم پڻ شامل آهي، ان جي باوجود جيڪڏهن نهاريون ٿا ته موجوده وفاقي سرڪار صرف ۽ صرف نواز ليگ جي نظر اچي ٿي. وفاقي سرڪار هن وقت سنڌو درياءَ جي پاڻي مان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. بظاهر ته انهن ڪينالن جو انگ ڇهه آهي، پر جيڪڏهن حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته وفاقي سرڪار جو مقصد صرف چولستان ڪينال ڪڍڻ آهي. چولستان ڪينال جي ڪمانڊ ايريا ايتري هوندي جيتري تقريبن سکر بئراج جي 7 ڪينالن جي آهي. جيڪي 75 لک ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهن ٿا ۽ صرف هڪ چولستان ڪينال اڪيلو ئي 64 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ٺهي راس ٿيندو ان وقت 7.2 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي کڻندو. اوهان کي ياد ڏياريون. متنازعه ڪالاباغ ڊيم جنهن تان اڄ تائين به پنجاب سرڪار هٿ نه کنيو آهي. ان جي گنجائش 6 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي اسٽور ڪرڻ جي هئي. هاڻي غور ڪريو ته 6 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي ڀيٽ ۾ صرف هڪ ڪينال 7.2 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي کڻندو. يقينن اهو پاڻي سنڌ جي زمينن کي غيرآباد ڪري چولستان جي صحرائي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ کنيو ويندو. اهو منصوبو ڪجهه وقت پهرين منظرعام تي آيو. ان کانپوءِ سنڌ جو عوام سراپا احتجاج ٿي ويو. وفاقي سرڪار جي اتحادي پيپلز پارٽي جنهن جي سنڌ صوبي ۾ حڪومت آهي، انهي پڻ انهي منصوبي جي ڀرپور مخالفت ڪئي آهي. سنڌ اسيمبلي هجي يا سينيٽ ان سان گڏ سنڌ جو عوام سڀني سياسي قومپرست پارٽين جي سڏ تي ۽ آبادگار فورمن جي سڏ تي روزانو هزارين ماڻهن جي تعداد ۾ مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪري رهيو آهي، پر وفاقي سرڪار جيڪا پنجاب جي نمائنده سرڪار وڌيڪ آهي انهيءَ جي ڪن تي جون به نه ٿي سُري بلڪه سينيٽ جي ايوان ۾ نون ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي جهڙي بزرگ ماڻهو اکيون پوري ڪوڙ ڳالهايو آهي ته چولستان ڪينال پنجاب پنهنجي پاڻي جي حصي مان ٺاهي ٿو ۽ اهو ستلج ندي مان نڪرندو. هن کان وڌيڪ ڪوڙ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جڏهن ستلج ندي، بياس ندي ۽ راوي ندي ڀارت کي وڪرو ڪري ڏئي چڪيون هجن ته پوءِ ستلج نديءَ ۾ پاڻي ڪٿان آيو. اهو پاڻي به ستلج ندي کي سنڌو درياءَ مان ڏنو ويندو. عرفان صديقي چواڻي ته هر صوبي کي 1991 جي پاڻي واري ٺاهه تحت پنهنجو حصو ملي رهيو آهي، پر ائين آهي ڪونه. هن وقت به ڪوٽڙي بئراج کان 200 ڪلوميٽر هيٺ تائين سنڌو درياءَ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه وڃي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان سنڌ جي پاڻي جي ڪيس کي ڀرپور نموني سينيٽ ۾ پيش ڪيو، پر سينيٽ جي ڊپٽي اسپيڪر سندس انهيءَ رٿ کي قانوني ڪاميٽي جي حوالي ڪرڻ جي تڪليف به نه ڪئي ۽ سندس رٿ رد ڪري ڇڏي. انهيءَ مان محسوس ٿئي ٿو ته وفاقي سرڪار ڪنهن به نموني چولستان ڪينال اڏڻ چاهي ٿي.
منصوبو ڪالاباغ ڊيم جو هجي يا منصوبو چولستان ڪينال جو پنجاب صوبي کي سنڌ جي حصي جو پاڻي گهرجي. پنجاب صوبي وٽ يا وفاقي سرڪار وٽ فيڊريشن جي اهميت نظر نه ٿي اچي. وفاقي سرڪار سمجهي ٿي ته پاڪستان جو مطلب صرف پنجاب آهي. اها تمام وڏي غلطي ٿي رهي آهي. جهڙي نموني ڪالاباغ ڊيم واري رٿا رد ڪرائڻ ۾ سنڌ جون سڀئي سياسي پارٽيون هڪ ٿي ويون هيون. هاڻي به سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين جن ۾ قومپرست پارٽيون ۽ مذهبي پارٽيون شامل آهن کي هڪ ايجنڊا تحت پاڻ ۾ گڏجڻو پوندو. ان جو وزن حڪومتي پارٽي يعني پيپلز پارٽي کي کڻڻو پوندو، جيڪڏهن سنڌ صوبي مان هڪ گڏيل طاقتور آواز وفاق تي نه ويو ته وفاق پنهنجي هوڏ نه ڇڏيندو. چولستان ڪينال اڏيندو ۽ سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائيندو.