سنڌ ۾ 1.4 ملين ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو هدف مقرر

غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير خسرو بختيار جي صدارت ۾ ڪڻڪ خريداري جي انتظامن بابت وڊيو لنڪ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاسڪو جي ڪڻڪ خريداري جو هدف 1.8 ميگا ٽن آهي. جڏهن ته پنجاب 4.5 ملين ٽن، سنڌ 1.4 ملين ٽن، بلوچستان هڪ ملين ٽن ۽ ڪي پي ڪي 0.45 ملين ٽن ڪڻڪ خريداري جو هدف مقرر ڪيو آهي. جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 1400 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ خريداري جا 1162 مرڪز قائم ٿي چڪا آهن ۽ سمورن صوبن جي انتظاميائن کي هدايتون ڏنيون آهن ته ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي