پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي-746 جهاز سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي حادثي کان ذري گهٽ بچي ويو

جده کان سيالڪوٽ ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام رن وي خراب هئڻ ڪري حادثي کان ذري گهٽ بچي وئي. پي آءِ اي ذريعن موجب سيالڪوٽ ايئرپورٽ رن وي خراب هجڻ ڪري جهاز لينڊنگ کانپوءِ ٽرن ٿي رهيو هو ته رن وي اوچتو ويهي رهيو، رن وي خراب هجڻ ڪري اڏام پي ڪي-746 جهاز جي ٽائرن کي نقصان پهتو آهي. ٽائر مڪمل طور تي ناڪاره ٿي ويا آهن، جنهن سبب پي آءِ اي کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.