پاڪستاني اداري اين آءِ بي ڊي جي لاءِ عالمي اعزاز

آمريڪا جي رت جي بيمارين جي تنظيم آمريڪن سوسائٽي آف هيماٽولوجي (ASH) جي تحت ٿيڻ واري بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نيشنل انسٽيٽوٽ آف بلڊ ڊيزيزز (NIBD) پاران پيش ڪيل مقالي کي ڏهن بهترين تحقيقن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آمريڪا ۽ پوري دنيا مان 31 هزار رت جي ماهرن 6000 مقالا پيش ڪيا. هيءَ ڪانفرنس 8 کان 10 ڊسمبر جي دوران آمريڪي شهر آرلينڊو ۾ ٿي. آمريڪن سوسائٽي آف هيماٽولوجي جي صدر ڊاڪٽر راءِ سلور اسٽائن ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. اين آءِ بي ڊي کي گذريل 30 سالن دوران پاڪستان ۾ رت جي بيمارين جا شعبا قائم ڪرڻ، ماهرن جي تياري، تحقيق ۽ ريسرچ شايع ڪرڻ ۽ بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي ڪم ڪرڻ تي هيءُ اعزاز ڏنو ويو آهي. اين آءِ بي ڊي جي سربراهه هيءُ تحقيقي مقالو پيش ڪيو. پوري دنيا کان آيل ماهرن پاڪستان ۾ رت جي بيمارين تي پيش ڪيل ڪم کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پيشه وراڻه مهارت کي نه فقط برقرار رکيو ويندو، پر ان کي وڌائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.