گٽڪا ۽ مين پڙي ٺاهڻ وارن جي لاءِ 10 سال قيد جي سزا تجويز

وزيراعليٰ سنڌ جي مشير قانون ۽ ماحوليات ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيريسٽر مرتضيٰ وهاب قانون ۽ انصاف جي قائمه ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تجويز ڏني آهي ته گٽڪا ۽ مين پڙيون ٺاهڻ وارن جي لاءِ 10 سال قيد جي سزا رکي وڃي ته جيئن شهرين جي صحت سان راند کيڏڻ وارا عنصر عبرت حاصل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته پوري صوبي ۾ گٽڪن ۽ مين پڙين جي استعمال ۽ تياري تي مڪمل پابندي لاڳو ٿيندي. گٽڪن ۽ مين پڙين جي خلاف بل ۾ سخت سزائن جون تجويزون پيش ڪيون ويون آهن، ان بل کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، جنهن کي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ ۽ منظوري کان پوءِ سڄي صوبي ۾ نافذ ڪيو ويندو. شهري اڳيان وڌي حڪومتي عملدارن جو ساٿ ڏين ۽ عوام جي جانين ۽ صحت سان راند کيڏڻ وارن سماج دشمن عنصرن جي نشاندهي ڪن.