ايندڙ سال لکين فونن تي واٽس ايپ سروس بند ٿي ويندي

واٽس ايپ ڪمپني جي اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته سال 2020 ۾ وڌيڪ پراڻن سافٽ ويئرز تي هلندڙ فونن ۾ واٽس ايپ جي سهولت برقرار نه رهندي ۽ سڀ کان پهرين 31 ڊسمبر تي ونڊوز فون جي اڪثريت تي واٽس ايپ ڪارآمد نه رهندو. واٽس ايپ موجب او ايس ۽ اينڊروئڊ جا پراڻا ورزن وارا سمارٽ فون واٽس ايپ ۾ نين تبديلن جو ساٿ نه ڏئي سگهندا. واٽس ايپ اعلان موجب فيبروري 2019 کان پوءِ واٽس ايپ کي جاري رکڻ جي لاءِ آءِ او ايس نائن ۾ اينڊروئڊ 3.0 ورزن لازمي هئا. هاڻي وٽس ايپ جا  وڌيڪ اپ ڊيٽس ان جڳهه تي پهچي چڪا آهن جتان انهن کي هلائڻ جي لاءِ آءِ او ايس ۽ اينڊروئڊ کان ڪافي اڳيان جا ورزنز گهربل آهن جنهن ۾ اينڊروئڊ فور يعني “آئسڪريم سينڊوچ” ورزن شامل آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن توهان وٽ آءِ فون فائيو کان گهٽ جو ماڊل آهي ته ان تي واٽس ايپ نه هلندو جڏهن ته 31 ڊسمبر 2019 تائين سڀني ونڊوز فونن تي واٽس ايپ سروس بند ٿي ويندي جنهن ۾ لوميا سيريز به شامل آهي. اهڙيءَ طرح ايڇ پي ايليٽ سمارٽ فون، گوگل، نيڪسس ون، سام سنگ ايپڪ فوري ۽ موٽرولا ڊروئڊ ايڪس تي به واٽس ايپ سروس ختم ٿي ويندي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هاڻي واٽس ايپ فيس بڪ جي ملڪيت آهي ۽ فيس بڪ ان ۾ نواڻ آڻيندي وڌيڪ تبديلين جو خواهشمند آهي، جنهن ۾ فيس بُڪ ۽ واٽس ايپ جو باهمي تعلق قائم ڪيو ويندو. انهيءَ سبب جي ڪري ڪجهه مهينن ۾ لاتعداد فون واٽس ايپ جي رسائي کان پري ٿي ويندا.