خاص

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ آزاد صحافت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

گڏيل قومن طرفان 3 مئي تي هر سال آزاد صحافت جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد صحافت جي بنيادي اصولن جي موجوده صورتحال تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ ۽ دنيا ۾ صحافت جي موجوده صورتحال جي شڪل کي پيش ڪرڻ آهي. اڄ آزاد صحافت جو عالمي ڏينهن آهي، پر اهو ڏينهن پاڪستان ۾ آزاد صحافت تي سواليه نشان آهي. پاڪستان ۾ آمريت هجي يا جمهوريت، آزاد صحافت هر دور ۾ خواب ئي رهي آهي. گذريل 3 ڏهاڪن دوران صحافين مٿان 70 کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ڪيا ويا، جڏهن ته 170 جي ويجهو صحافي فرضن جي ادائگي ۽ مختلف واقعن ۾ حياتيون وڃائي ويٺا.