بلاگ

سماجي روشني ۾ فقير قادر بخش بيدل
جو مختصر پيغام (1814 – 1872)

هيءُ ايڪيهين صديءَ وارو زمانو ڏاڍو تيز تر سفر ڪري رهيو آهي. ماڻهن کي پنهنجي عمرين گذرڻ جو پتو ئي نٿو پوي، هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪرت سان وقت جي وهڪري ۾ لڙهي رهيو آهي. هن دور جون عجيب تقاضائون آهن، رشتن ناتن ۽ مٽن مائٽن ۾ جيڪي ويڇا ۽ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن. امير جي غريب سان پوي ئي ڪونه، مٽن مائٽن ۽ رشتن ناتن کي به دولت جي ٻن پڙن ۾ توريو ماپيو وڃي ٿو. هڪ ماڻهو ٻئي جي برابر آهي ته اهو دوست، مٽ عزيز آهي ور نه ته مڙيوئي خير. ڪجھ وقت پهريان جي ڳالھ آهي، ڪو زمانو هو جيڪو ايڏو پري جو ڪونهي وڏڙا ويچارا ننڍي نسل کي پنهنجي دوستن ۽ مٽن مائٽن جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جو درس ۽ نصيحتون ڏيندا هئا. ليڪن هن وقت سمورا قدر دولت ۽ رتبن جي ٻن پُڙن ۾ تُري رهيا آهن. ڇا جو رشتو ڇا جي دوستي پئسو پئسي جو يار آهي. ڪو به ڪنهن سان همدردي نٿو رکي هر ڪو پاڻ ڄاڻي ”پير منهنجي پڄائي“ اجتمائي سوچ، ڀلائي وارا ڪم، همدردي صرف لفظن جو کيلُ بڻجي چڪا آهن. ماڻهونءَ جو ٻاهريون روپ هڪڙو ته اندريون روپ ٻيو آهي. اڳي زماني ۾ جنن، ڀوتن، ڏائڻن، ڌوتين، ديون ۽ پَريُن جا قصا ٻڌبا هئا، پر هن وقت اديبن ۽ شاعرن لاءِ ماڻهن جي روين مان هزارين نمونن جا تال ۽ پڙتال حرفتون ۽ چالاڪيون ڏسي سگهجن ٿيون. چون ٿا ته اڄ به اديب ۽ شاعر ماضيءَ جي پراڻي زماني تي سوچي رهيا آهن. اهو زمانو ته عقلمندن جو ۽ انساني همدرديءَ جو هو. هي زمانو پنهنجي ذات کي سنوارڻ جو آهي، ٻئي سان ڪنهن جو ڪجھ نه وڃي. هن معاشري جي اوک ڊوک مان پتو پوي ٿو ته، هر ڪو پاڻ ڄاڻي واري ڪار لڳي پئي آهي. جيڪو جيترو وڌيڪ چالاڪ آهي، ايترو ئي هن معاشري جو نقصان ڪري رهيو آهي ته وري ايترو ئي معتبر ۽ عزت وارو سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو جيترو سادو ۽ شريف آهي اهو پاڻ ڦرائي ٿو. ايمانداري سان ڪم ڪرڻ وارو هن معاشري کي نٿو گهرجي، ڇاڪاڻ جو هي سائنسي دور جو راڳ ڳائي ان جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، شايد جن سائنس جي فائدن کي سمجهيو ئي نه آهي. جتي مادي ترقي ٿي رهي آهي، سالن جا ڪم جهٽ پل ۾ ٿي رهيا آهن. حالت هي آهي جو گهڻائي ماڻهن جي قرآن شريف جو قسم کڻي ڳالھ ڪرڻ ۽ ڪلمو ڀري مسلماني جو ثبوت ڏيڻ جي آڙ ۾ پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جو سبب بڻجي پيا آهن، وري سچائي ۽ ساک پت وارا انسان موڳا ۽ وائڙا ٿي تعجب کائي رهيا آهن. گهڻائي اهڙن ماڻهن جي آهي. جيڪي سماج جو خون ماکي سمجهي چٽي رهيا آهن. هن دور ۾ ماڻهن جي اخلاقي معيار کي بحال ۽ بلند رکڻ لاءِ شاھ ڪريم، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، سامي، بيدل ۽ بيڪس جي ڪلام کي عام ڪرڻ ۽ معاشري تائين پهچائڻ سان سماجي قدرن جي بحالي وارو ڪم ڪري سگهجي ٿو. مذڪوره شاعرن کان علاوه سوين شاعر ۽ بزرگ آهن جن جي قولن ۽ اخلاقي ڳالهين سان ماڻهن جي ذهنن کي تبديل ڪري سگهجي ٿو. اڄ جو دور اناپرستيءَ جو دور آهي اسان پنهنجا اخلاقي قدر ۽ همدردي وارا معيار بلڪل وڃائي رهيا آهيون. هي پڻ هڪ ڪارائتي ۽ وقتائتي ۽ فيصلاڪن ڳالھ چئبي جو اسان پنهنجي عظيم انسانن جي ناياب ۽ فلسفياڻن نقطن کي قوم آڏو آڻيون ته جيئن انهن جي مثالي ڳالهين مان استفادو حاصل ڪري رشتن جو تقدس بحال ڪري سگهون ٿا. اسان پنهنجي اعليٰ دماغ انسانن جي سماجي ۽ اخلاقي ڳالهين جي پرچار نه ڪئيسين ته، ايندڙ دور ۾ اسان پنهنجي معاشري کي براين کان بچائي نه سگهنداسين ۽ حالتون هر ڪنهن جي وس کان ٻاهر نڪري وينديون. ماڻهو جو ماڻهپو مڪمل طور ختم ٿي ويندو، اهڙين حالتن ۾ جيڪا ڳالھ محسوس ٿي رهي آهي ته اسان کي صوفي بزرگن جون ڏنل نصيحتون ۽ پُراثر ڪلام جنهن ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي هڪ طرف پرچار ملي ٿي ته ٻئي طرف سماجي براين خلاف کليل لفظن ۾ مزاحمت ملي ٿي، انهن جي انمول ڳالهين وسيلي معاشري جي رهنمائي ڪري سگهجي ٿي. اڄوڪي دور تي جڏهن غور ويچار سان سوچجي ٿو ته هي ڳالھ آڏو اچي ٿي ته جن ماڻهن تي معاشري جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ جي ذميواري رکيل آهي، سي ئي انهن حقيقي ڳالهين ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن. ڪيترائي شاعر، اديب، سياسي، سماجي سڌارڪ جن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي تن جي موجودگي ڪو ٻوٽو نه ٿي ٻاري. اڄ اسان اهڙي ڏکائيندڙ صورتحال مان ڇو گذري رهيا آهيون؟ سوال آهي ته قلم ڌڻين جو قلم ڪمزور آهي يا اخلاقي جرئت ختم ٿي وئي آهي جو ايڏا هاڃا ڏسندي به زبانون خاموش آهن. ڇا رڳو اسان جي اها ئي سوچ رهجي وئي آهي جو عملي ڪم ڪرڻو نه آهي، صرف ئي صرف اخبارن ۽ ميڊيا ۾ پاڻ ڏيکاءُ وارو ڪم نظر اچي.؟ اهڙي غير پائدار سوچ رکندڙ گهڻي وقت تائين هلي ناهن سگهندا. جنهن به ليکڪ جي لکڻين ۽ تخليقي حسن ۾ حق ۽ سچ جي ڳالھ نه ٿي ملي ۽ پنهنجي دور جي حالتن جو ذڪر نٿو ملي سا تخليق بيڪار ۽ بيسود آهي. مذڪوري مضمون ۾ مون کي بيدل سائينءَ جي ڪلام جو مختصر نموني ۾ ذڪر ڪرڻو آهي، سندس ڪلام هن معاشري لاءِ ڪيترو ڪارگر آهي. مون پنهنجي نظرن سان جيئن ۽ جهڙي طرح هن معاشري کي ڏٺو ۽ پرکيو آهي ۽ سمجهي رهيو آهيان، سو ضروري ڪونهي ته، ٻيو ڪو مون سان سهمت ٿي اهڙا رنگ پسندو ۽ محسوس ڪندو هجي. هر ماڻهوءَ جي سوچ پنهنجي آهي. سوال ٿو پيدا ته بيدل سائين جو ڪلام موجوده حالتن جي ڪيتري ترجماني ڪري ٿو. اسان جي معاشري کي ڪو سجاڳيءَ جو سڏ ڏئي ٿو؟ منهنجو جواب بلڪل ها ۾ آهي. جيئن فرمايو ويو آهي ته؛

”خنجر ناز جا خوب هنيائون، ڌڙ کان سر ڌار

هٿئون حبيبن جي مرن مانجهي منصب دار.“

بيدل سائين کي ته محبوبن جي ناز ۽ انداز جي خنجرن جا وار ٿيا، پر هي مانجهي همت وارا، طاقتور ۽ منصف جيڪي ويٺا آهن تن سندس ڪهڙو انصاف ڪيو، ويتر سندس غلطي ڪڍي کڻي ڦاسي گهاٽ تي چاڙهيو. وقت جو قاضي جنهن کي سڀ ڪو پنهنجو همدرد ۽ دوست سمجهندو آهي، جيڪي انصاف لاءِ آيا سي ئي ڦاسي چڙهي وڃن ٿا. وري هڪ ڳري ڳالھ ڪري ٿو منصف خود مجبور آهن ڇاڪاڻ جو حسن جا جلوا پسي خود به دم ڏئي ڇڏين ٿا:

لاجو کنهون هٿ ڪري جنگ جسم سان جوڙ

نـــــــفيءَ واريءَ نـــــئن ۾ وڃــــي ٻــــــــــــيائي ٻوڙ

ســــالڪ ســــــــڳو ســـــــور، نيـــهي اٿي نانهن جو

مون ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي ڳالهين ۾ وڏو باشريعت ۽ عقلمند پئي محسوس ڪيو هو، پر جڏهن انهن جي عمل ڪم ۽ ڪردار کي ڏٺو ته ڏاڍا غليظ ۽ گندا نظر آيا. منهنجي وهم ۽ گُمان ۾ به نه هو ته هو ايترو ڪِري سگهن ٿا. هن دنيا وارن کي سمجهڻ لاءِ گهري نگاھ ۽ عقلي سوچ وڏو ڪم ڏئي ٿي، پر اها عقلي سوچ ۽ عقابي نگاهون ڪٿان حاصل ڪجن جو اهي بدنيت ماڻهو سڃاڻي سگهجن. اهو وسيلو ادبي ۽ علمي ڪتابن پڙهڻ ۽ سٺن عالمن جي صحبت اختيار ڪرڻ ۽ انهن جي ڪارائتي گفتگو مان پرائي سگهجي ٿو. هي جهان ڏاڍو ڏکيو آهي ”ڪم پوي تان ڪل پوي“ جي مصداق ڪجھ تڪليفون به انسان کي اچڻ گهرجن ته جيئن پنهنجا توڙي پروا سمجھ ۾ اچي ويندا. انسان توڙي حيوان جي وچ ۾ فرق ڪرڻ واري سوچ ۾ اضافو ٿيندو. اسان وڏن وڏن عالمن، اديبن، اڪابرن جي آتم ڪٿائن کي ڇو پڙهندا آهيون؟ انهن ۾ سندن وسيع زندگيءَ جو تجربو پرک ۽ مشاهدا نظر ايندا آهن. مون ڪي ظاهر ۾ ڏاڍا نيڪ نمازي ماڻهو به ڏٺا ۽ مومن هجڻ جون دعوائون ڪندڙ به ڏٺا پر هو مومنن جي لباس ۾ لڪل تن جا وڏا شيطاني رنگ به ڏٺا. معصوم انسانن کي ڏکائيندي انهن مٿان اچانڪ وار ڪندي پنهنجا مفاد حاصل ڪندي شرم به محسوس نه ڪيائون. منصور ڦاسي تي ڪو ايئن ڪونه لٽڪايو ويو، هن کي پنهنجي معاشري جي ماڻهن جا ڏک اهنج ۽ ايذاءُ برداشت نه ٿي ٿِيا، مظلومن جي اندر جي آنهن ۽ دانهن چاڪ چڪايا ٿي. تنهنڪري هن کي حق ۽ سچ ڳالهائڻ ڪري موت جي سزا ڏني وئي. بيدل سائين تڏهن ئي ته منصور جو عاشق بڻيو ۽ جدوجهد کان متاثر ٿيندي ڏسجي ٿو:

الاالله اثـــــبات ڪـر، جيئن ڪو منصور،

ثــــابت رهــج ثبوت ۾، ڇڏي فـرق فتور،

حاصل ڪـــج حضور، پاڻ پروڙي پنهنجو.

پهريون پاڻ سمجهڻو آهي ۽ جڏهن پنهنجو پاڻ کي پاڻ سمجھ ۾ آيو ته دنيا جهان جي مسئلن کي سمجهڻ آسان آهي، ها جڏهن مسئلا سمجھ ۾ آيا ته پنهنجي جان کي به خطرو آهي. ڇاڪاڻ جو هي جهان وسيع آهي هن ۾ ڪيترائي پُرخطر انسانن جي روپ ۾ جانور رهن ٿا، جيڪي ننڍن ننڍن ساهوارن کي هڪ ڳيت ڏيندا آهن. هر دور ۾ تمام ٿورا انسان حق کي سمجهندا آهن ۽ سچ جو ساٿ ڏيندا آهن. منصور حلاج، مخدوم بلال ۽ صوفي شاھ عنايت جو ڪهڙو قصور هو. صرف اهونِي هُو مظلومن جا ساٿي هئا. انهن کان پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جا ڏک برداشت نه ٿي ٿِي سگهيا. ڦاسي چاڙهيو ويو، گهاڻي ۾ پيڙايو ويو ۽ ڪرٽ سان ڪُهايو ويو. بايزيد بسطاني جڏهن چيو: ”سبحاني مان اعظم شاني، منصور چيو ”اناالحق“ فريد الدين عطار چيو ”خدا پاڻ آدم جي صورت اختيار ڪري جدا جدا رنگن ۽ روپن ۾ انسان ذات جي هدايت لاءِ اوتار ٿي آيو آهي.“ صوفي شاھ عنايت چيو ”جو کيڙي سوئي کائي“ انهيءَ نظريي ۽ سوچ جي صوفين پرچار ڪئي ۽ فقير قادر بخش ’بيدل‘ هڪ صوفي منش جي حيثيت ۾ انهن جي قرباني کي عظمت جو روپ ڏئي بيان ڪيو اٿس. حضور پاڪ ﷺ جن کي به وڏو سهارو سمجهندو هو:

ڪوڙين ڀتين ان جا، هٿ مٿي هيڻن،

ٻــــــــنهي جــــــهانن، هـــو ويچارن واهرو.

”حضور پاڪ ﷺ جن غريبن جا غم خوار، مسڪينن جا مددگار ۽ يتيمن جا يار ٿي آيا. دنيا ۾ جڏهن ظلم ۽ انڌيرو زور وٺي ويو، تڏهن حضور پاڪﷺ جن آخري نبي ٿي هن دنيا ۾ آيا ۽ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ انسانن جا سچا همدرد ۽ مددگار ٿي، انهن کي ظلم ۽ ڏاڍ جي اوڙاھ مان ٻاهر ڪڍيائون ۽ رُليلن ۽ ڀُليلن کي حق جي سنئين واٽ تي لڳايائون. مٿئين بيت ۾ حضور پاڪ ﷺ جن جي اهڙين جامع وصف کي منظوم ڪيو ويو آهي.“ (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1993: 502)، اسان جي تحقيق مطابق هر دور ۾ اهڙا املھ ڪردار پيدا ٿيندا رهيا آهن، تن سان گڏوگڏ، بدڪردار به پيدا ٿيندا رهيا آهن. وقت ڪنهن جو انتظار نه ڪندو آهي، هرڪو پنهنجو وارو وڄائي ويندو آهي. ڳالهيون رهجي وينديون آهن. ڀلي قسمت انهن جي چئبي جن هن دنيا جي انسانن لاءِ سٺو سوچيو ۽ سٺو ڪيو. ظالم ۽ مظلوم وٽ دل ساڳي آهي، غم ۽ خوشيءَ جا هنڌ به ساڳيا آهن، پر انهيءَ معاملي کي ڪنهن ڪنهن سمجهيو، پر جن سمجهيو سي سرخرو ٿيا. بيدل سائين فرمائي ٿو:

”گهاءُ ڪرن، منجھ هانءِ ضعيف، تيغ چوان يا صمصام چوان“

اهوئي ڪامياب سماج چئبو جن وٽ تعليم ۽ تربيت سٺي ٿي رهي هجي. شعور جا ساوا سلا انهيءَ ئي زرخيز زمين تي ڦُٽندا آهن، جتي جي زمين مٺي ۽ پاڻي مٺو هجي. جتي جر کان مڃر تائين کارو پاڻي ۽ ڪلر هجي انهيءَ خمير مان ڪي خوشبودار ۽ ذائقيدار ڪي وڻ ڪونه ڦٽندا آهن. اسان جي سنڌ سڳوري ڌرتي آهي، پيرن فقيرن ۽ الله لوڪ ماڻهن جي ڌرتي آهي. هميشه هن ڀونءَ مِٺيءَ امن پرست ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي، پر اڄوڪي دور ۾ مثالي تربيت نه هئڻ ڪري انسان دشمن قوتون تيزي سان پنهنجي حلقي کي وڌائي رهيون آهن. ذخيره اندوزي، وياج خوري، حرامخوري، رشوت خوري پوري معاشري کي ذهني غلامي ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. اسان جي ايمانداري ۽ شرافت جا قصا ڏينهن به ڏينهن ڪتابن جي زينت ۽ ماضي بڻجندا پيا وڃن. ڌرتيءَ جي خمير مان ڊڀ ۽ ڪانڊيرا ڦٽي رهيا آهن ۽ شريف انسانن جو گهمڻ، کائڻ ۽ پيئڻ حرام بڻجي ويو آهي. نڪما ۽ ڪم چور ٻين جي ڪيل ڪمائي مان کرب پتي بڻجي ويا آهن. اهڙن ماڻهن جو عذاب هميشه مظلومن تي ڪرندو آهي. بيدل فقير فرمائي ٿو:

بيدل ڏنگ جهليا سين، ڏاڍا آهن اوکيرا،

هـــــــيبتي حيوان الله ڙي اڃان ڪينَ مُڙيا.

انسان لاءِ پاڻ سڃاڻڻ ضروري آهي. ديني فلسفو هجي يا دنيا جي ڳالھ، پاڻ سڃاڻڻ، پنهنجي رت جي ڪٿ ڪرڻ ۽ ٻين لفظن ۾ پنهنجي طبيعت پروڙڻ انسان جو بنيادي معاملو آهي.“ (جوڻيجو، 2005: 70)، فقير قادر بخش ’بيدل‘ هڪ سلجهيل، پڙهيل ڪڙهيل انسان هو. عربي، فارسي، هندي، سرائڪي، اردو ۽ سنڌيءَ زبانن تي دسترس حاصل هئس. اهڙي پختگي سندس ڪلام ۾ ڏسي سگهجي ٿي. ”مختلف زبانن ۾ ڪلام سان گڏ هيٺيان ڪتاب سندس علمي گوهر پڻي جو هڪ جيئرو جاڳندو ثبوت آهن: مثنوي رياض الفقر (فارسي)، ديوان سلوڪ الطالبين (فارسي)، رموزالقادري (فارسيءَ ۾ قصيده غوثيه جي شرح)، ديوان منهاج الحقيقت (فارسي)، مثنوي نهرالبحر (فارسي، مثنوي روميءَ جي طرز تي)، رموزالعارفين (فارسي مثنوي)، تقويت القلوب في تذڪره المحبوب (فارسي نثر)، پنج گنج (قرآن، حديث، رومي، شاھ عبداللطيف ۽ ڪنهن ٻئي حوالي سان لکيل)، قرت العينين في مناقب السبطين (فارسي نثر)، ديوان مصباح الحقيقت (فارسي)، فوائد المعنوي (عربي مقولا، سنڌي ترجمي سان)، سندالموحدين (فارسي نثر ۽ نظم – وحدت جو بيان)، وحدت نامه (سنڌي ۽ سرائڪي بيت)، لغت (فارسي)، سرود نامه (سنڌي ۽ سرائڪي بيت، ڪافيون ۽ سه حرفيون)، تاريخ هائي وفات، انشاءِ قادري (فارسي خط)، قصيده هير رانجھه (فارسي نظم)، عقائد (فارسي ۽ عربي)، منتخب قصه ليليٰ مجنون (فارسي نظم)، ديوان بيدل (اردو ۽ هندي).“ (جوڻيجو، 2005: 68، 69) اهڙي طرح جي علمي ڪم کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته بيدل سائين سنڌ جو تمام گهڻ پڙهيو ۽ سڌريل شاعر ۽ اديب هو جنهن جي علمي تصنيفات تي هڪ جامع نموني سان تحقيق جي ضرورت آهي. بيدل سائينءَ بابت اهو به چيو وڃي ٿو ته هو ڪنهن به ڪتاب جو سراسري ۽ سطحي مطالعو نه ڪندو هو، پر تمام اونهو اڀياس ڪندي ايترو ته گم سم رهندو هو ۽ ڳالھ جي اصل تھ تائين پهچي پنهنجي مطالعي کي مستند بڻائي پوءِ ئي ڪنهن نتيجي تي پهچي ان جو اظهار ڪندو هو. هي 16 مارچ 2023ع جي ڳالھ آهي ته منهنجو سکر وڃڻ ٿيو دل ۾ سڪ جاڳي ته بيدل سائين جي درگاھ جي زيارت ڪجي پنهنجي دوست پروفيسر عبدالجبار شيخ کي ٻڌائڻ بنا کيس وٺي وڃي درگاھ تي پهتم. جڏهن درگاھ پهتاسين دوست چوڻ لڳو ”هي ڪيڏو نه سڪون وارو هنڌ آهي“ ۽ پوءِ روضي جي ديوارن تي لکيل بيدل سائين جا شعر پڙهندي چيائين ته ”ڪيڏو نه ڪمال جو ڪلام چيو اٿس، جيڪر سندس شعرن جو سمورو سنڌي ڪلام ملي وڃي ته واه واه! ٿي وڃي“ هي سچ آهي ته واقعي بيدل سائين هڪ وڏي شاعر سان گڏ عشق حقيقي جي تلاش ڪندڙ هڪ محقق آهي. پروفيسر گل محمد گلاڻي پنهنجي ڪتاب ”تذڪره شعراءِ روهڙي“ جي پيش لفظ ۾ رابندر ناٿ جي هڪ قول جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”جڏهين مان انسان جي تاريخ جو گهڻو اڀياس ڪري چڪس تڏهن ورڊس ورٿ جيان گهڻو اداس گذارڻ لڳس. ورڊس ورٿ هميشه اهو ويچاري اداس ٿيندو هو ته انسان، انسان سان ڇا ڇا نه ڪيو آهي؟ انسان کي نانگ، چيتي، شينهن ۽ ٻين جهنگلي جانورن ايترو نه چيريو ۽ ڦاڙيو آهي، جيترو خود انسان. مون کي اهو معلوم هو، مان اهو ڄاڻندو هئس، پر ان جي باوجود مون کي اها پڪ هئي ته ضرور ڪا جاءِ اهڙي هوندي جتي انسان جو غير فاني روح، ڪڪرن ۾ لڪل سج مثل هوندو ۽ آخر ادب جي وسيلي مان ان جاءِ تي پهتس.“ (گلاڻي، 1978: مهاڳ) انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته، ادب اهو رستو ڏيکاريندو آهي، جتي انساني حقن جي لتاڙ ٿيندي هجي ۽ ادب ۾ ان جو اظهار نه هجي اهو ادب نه چئبو. جنهن ۾ ظالم ۽ مظلوم جي پرک ڏاها ڪري نه سگهن ته انهن جي تخليقن جي معاشري کي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جن ڏاهن جا قلم انسانن جي ڀلائي لاءِ وقف ٿيل هوندا آهن، سي هميشه هر دور ۾ جيئندا رهندا آهن، انهن جون تحريرون ۽ ڪتاب مثالي بڻجي ذڪر هيٺ ايندا رهندا آهن. ظالم ۽ مظلوم جي قبرن جا نشان ڊهي وڃن ته به، ٻنهي جا ڪردار، عمل ۽ ڪم هر دور ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا. اهو ڪمال ڪتابن جو آهي جيڪي هزارن سالن جا ڪردار آڏو رکي ڏين ٿا. جيئن ته بيدل سائين کي منهنجي تعريف يا گلا جي پرواھ ناهي هو گهڻ رخو عالم ۽ ڏاهو انسان هو. جنهن جي ذڪر ۽ فڪر جا ڪيترائي رخ آهن. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته فقير قادر بخش ’بيدل‘ قرآن شريف، فقه ۽ تصوف جو تمام گهڻو مطالعو رکندڙ هو. پاڻ مجازيءَ جو عشق پچائي حقيقي عشق جي راھ ۾ قدم رکيائين. قلندر شهباز، پير سائين پاڳاري محمد راشد روضي ڌڻي ۽ حضرت سچل سرمست جي درگاهن تان فيض حاصل ڪري ورتو هئائين… سندس ڪلام ۾ ڪافيون بيت ۽ ٽيھ اکريون شامل آهن. هت هيٺ سندس ڪافي جو نمونو ڏجي ٿو:

خـــــــمر ڪــــــنهن خاصــــي خماريا، سالڪن ڪيا سر فدا

ڪيف ڪنهن ڏاڍي ڪــڪوريا، جُنگ ٿيا جيءُ کون خدا

درد واري دور ۾ اَحــــــــــــــرام عــــــــــــــاشـــــــــــــقـــن ٻڌا

ســــــــــــوز جـــــا سڪــرڪا پيو، سنيا وتن سوريءَ سدا

وجــــــــــد واريءَ ويڙھ ۾ ڪنهن موج مستيءَ جي وڌا

نــــــينهن جـــــــــو نــــــــعرو هـــڻي، ناميا اناالحق جي ندا

نــــــــيستيءَ واريـــــــــون نمـازون عاشق ڪيون سڀ ادا

غـــــــــــيب ۾ وڃـــــــــــي غـــــيب ٿيڙا راز جي پهري ردا

مــــــــن خـــــــــــدايم مــــــــوج ۾ عــــــــــــــطار فــــــرمايو ادا

سر وڍائڻ ۾ ڏٺي ’بيدل‘ سڄي ساري مدعا.

(گلاڻي، 1978: 21، 22)

موجوده زماني ۾ گهڻائي اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي چون ٿا ته، اسان شاعرن جي ڪلام کي ڇو پڙهون ۽ پڙهندا به ڇو؟ ڇاڪاڻ جو سچا ۽ پنهنجي وطن جا خير خواھ شاعر انهن جي بد عملن کي وائکو ڪن ٿا.

حوالا:

ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي، ڊاڪٽر، (1993ع) سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس (ڇاپو پهريون)، روشني پبليڪيشن، ڪنڍيارو.

جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، (2005ع) سنڌي ادب جي تاريخ جلد ٻيو: (ڇاپو پهريون)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

گلاڻي، گل محمد، پروفيسر، (1978ع) تذڪراءِ شعراءِ روهڙي (ڇاپو پهريون)، همدرد پريس ڀٽاروڊ سکر.

قريشي، حامد علي، خانائي، ڊاڪٽر، (1999ع) تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي مهاڳ: (ڇاپو پهريون)، ساهتي ادبي اڪيڊمي، نواب شاھ، سنڌ.

مانجهي، محمد علي، ڊاڪٽر، پروفيسر، (2010ع)، صوفي شاھ عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر (ڇاپو پهريون)، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

***