خاص

ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ ٻاونجاهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 52 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ پازيٽو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 36 هزار 543 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 85 لک 67 هزار 761 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 272 پازيٽو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 67 هزار 261 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 54 هزار 878، پنجاب ۾ هڪ لک 65 هزار 716، خيبر پختونخواهه ۾ 70 هزار 306، اسلام آباد ۾ 43 هزار 029، بلوچستان ۾ 18 هزار 958، آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 629 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 945 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 24 هزار 176 ٿي ويو آهي.