نواز ليگ جو سينيٽر مشاهد الله خان اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ سينيٽر مشاهدالله خان اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان جي عمر 68 سال هئي هو ڪجهه مهينن کان هو سخت بيمار هو. مرحوم جي جنازي نماز اڄ ظهر جي نماز کانپوءِ اليون ايڇ اسلام آباد ۾ ادا ڪئي ويندي. مشاهدالله خان 1952ع ۾ راولپنڊي ۾ پيدا ٿيو، هن 1990ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي. 2009 ۽ 2015 ۾ ٻه ڀيرا مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو. 2017 ۾ شاهد خاقان عباسي جي ڪابينا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وزير بڻيو. مشاهدالله خان پنهنجي بيانن سبب مخالفن کي پريشان ڪري رکندو هو. مشاهدالله خان شاعرانه انداز ۾ مخالفن تي طنز جا تير هلائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته سينيٽر مشاهدالله جي وفات پارٽي جي لاءِ وڏو نقصان آهي. مشاهدالله هميشه پيءُ جيان شفقت ڪئي.

