غريب ملڪ جون امير طبقي لاءِ چونڊون
16 آڪٽوبر تي ضمني چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن. 9 قومي ۽ 3 صوبائي حلقن ۾ حڪومت جو پورو زور هو ته ڪيئن به ڪري، انهن چونڊن کي ملتوي ڪرائجي، پر اليڪشن ڪميشن جو اٽل فيصلو هو ته ڪيئن به ڪري اليڪشن ٿين. PTI جا اهي ميمبر پڻ ڪورٽ سڳوري ۾ پهچي ويا ته اسانجون استعيفائون اسپيڪر قومي اسيمبلي غلط منظور ڪيون آهن، اوهان اهڙي حڪم کي رد ڪريو. مطلب PTI جي به اها مرضي هئي ته ضمني چونڊون نه ٿين، پر ڪورٽ سڳوري کين چيو ته اوهان قسم نامون لکي ڏيو ته اگر اسان اوهان کي بحال ڪيون ٿا ته اوهان اسيمبلي ۾ واپس ويندا، پر اڄ تائين هنن طرفان ڪوبه قسم نامون عدالت ۾ جمع نه ڪرايو ويو آهي ۽ چونڊون آچر 16 آڪٽوبر تي ٿي رهيون آهن، جن به حلقن ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن، اتان جي مسئلن کي ڪير به ياد نٿو ڪري، بس ٻنهي طرفان هڪ ٻئي کي خراب چيو وڃي ٿو. ماڻهو به انهيءَ ۾ خوش آهن ته هڪ ٻئي کي گاريون ڏيو باقي مسئلن سان اهي به سنجيده نظر نٿا اچن يا وري عوام اهو سمجهي ورتو آهي ته چونڊون انهن جي مسئلن جي حل لاءِ نه پيون ٿين. انهن جا مسئلا اڳواڻن وٽ ترجيح تي نه آهن. سچ به اهو آهي ته سنڌ ٻڏي پئي آهي ۽ ڪراچي به سنڌ جو شهر آهي، پر اليڪشن ٿيڻ کپي. سوات ۾ انسانن جو سمنڊ صرف ان ڪري ٻاهر نڪري آيو ته کين طالبان جي دهشتگردي کان تحفظ ڏنو وڃي ۽ امن امان قائم ٿئي. صرف چند سئو دهشتگرد پوري KPK جو امن امان خراب ڪيو ويٺا آهن پر نه صرف صوبائي حڪومت پر وفاقي حڪومت پڻ انهن کي امن امان ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، پر اتي به اليڪشن ٿين پيون صرف ڪُرم ضلعي ۾ ملتوي ڪيون ويون آهن. چونڊون ٿيڻ سان اتي امن امان اچي ويندو؟ پر اليڪشن ڪميشن اليڪشن ڪرائي پئي. عمران خان کلم کلا چيف اليڪشن ڪمشنر کي خراب چئي رهيو آهي. هاڻي جيڪڏهن اليڪشن PTI کٽي ٿي يا وڌيڪ سيٽون کٽي ٿي ته پوءِ عمران خان چوندو ته عوام جي طاقت جي ڪري اليڪشن منصفاڻه ٿيا. اگر هارائي ٿو ته چوندو ڌانڌلي ٿي وئي. مطلب چونڊن ۾ عمران خان کي ڪوبه نقصان نه آهي. باقي رهيو حڪومتي اتحاد ان لاءِ بهرحال هي اليڪشن اهم آهن، پر انهن جي گذريل 6 مهينن جي ڪارگذاري به اسانجي اڳيان آهي، ماڻهن وٽ وڃي صرف عمران خان کي گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا، باقي عام ڀلائي لاءِ ڪم ڪهڙا ڪيا اٿن. ڊالر به هنن جي وس ۾ نه پيو اچي، پر اليڪشن بهرحال حڪومتي اتحاد لاءِ اهم آهن. اگر اڌو اڌ سيٽون به نٿا کڻن ته پوءِ سندن لاءِ وڏو مسئلو پيدا ٿيندو. چوڻ لاءِ ته ائين چوندا ته اسان صاف شفاف چونڊون ڪرايون ۽ اهي سيٽون به PTI جون هيون ان ڪري انهن کي مليون آهن، اسان جون سيٽون ته نه هيون. اگر ڪنهن به نموني کٽي ٿا اچن پوءِ پئون ٻارنهن. اسان کي اهو نه وسارڻ کپي ته جڏهن پنجاب ۾ صوبائي ضمني چونڊون ٿيون ۽ PTI 20 مان 16 سيٽون کٽيون ته مسلم ليگ جي ٺهيل حڪومت پنجاب مان وئي هلي، هاڻي به ائين ئي ٿيندو. اگر عمران خان ٻارنهن حلقن مان 8 حلقن تي PTI کي ڪامياب ڪرائي ويو ته سمجهو ته حڪومت کي ڪنهن به حالت ۾ مارچ 2023 ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻي پوندي، جنهن جي لاءِ عمران خان ادارن تي زور ڏئي رهيو آهي ۽ پوءِ حڪومتي اتحاد جي طاقت به ظاهر ٿي پوندي. سو وفاقي حڪومت پوري ڪوشش ڪندي ته ڪيئن به ڪري اڌ سيٽون کٽي ۽ پوءِ چوڻ به آسان ٿيندو ته اسان PTI جون اڌ سيٽون کٽي آيا آهيون.
ڏسڻو اهو به آهي ته طاقتور ڌريون چونڊن ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون يا واقعي ئي نيوٽرل رهن ٿيون. انهن چونڊن جو اثر 29 نومبر واري تقرري تي پوندو ۽ پوءِ شايد عمران خان جو انداز ۽ اڃان به جارحانه هوندو پوءِ شايد انهيءَ تقرري ۾ کيس به اعتماد ۾ ورتو ويندو. بس اهو سڀ ٿيندو 16 آڪٽوبر تي باقي رهيو عوام سو نعرا هڻي، برياني کائي ۽ ووٽ ڏئي، ڀلي هو ٻڏل هجي يا بدامني جي ور چڙهيل، هو ته ائين ئي رهندو. چونڊون عوام لاءِ نه پر خواص لاءِ هونديون آهن ته ڪير حڪمراني ڪري، عوام کي ته غلامي ڪرڻي آهي.

