اينٽارڪٽيڪا برف جو پگهرجڻ عالمي سامونڊي نظام ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري سگهي ٿو: تحقيق
هڪ نئين تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته اينٽارڪٽيڪا جي چوڌاري موجود برف جو پگهرجڻ 2050 تائين وڏن سمنڊن جي وهڪري ڪي سست ڪري ڇڏيندو. ائين ٿيڻ سان سامونڊي نظام ۽ سامونڊي غذا تي تباهه ڪن اثرات پوندا. سامونڊي ڪرنٽ سمنڊ جي پاڻي جو مسلسل، متوقع، موڙ واريون حرڪتون هونديون آهن جيڪي ڪششِ ثقل، هوا ۽ پاڻي جي گهاٽائي سبب هلنديون آهن.