برطانيه: فلسطينين جي حمايت ۾ وڏي انگ ۾ مظاهرن کانپوءِ پوليس جو اسڪولن جي چوڌاري گهيرو تنگ
غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن خلاف وڏن مظاهرن کانپوءِ لنڊن ۾ پوليس آفيسرن کي اسڪولن مان انٽيليجنس معلومات گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڊان اخبار ۾ شايع برطانوي نشرياتي اداري گارجين جي رپورٽ مطابق ان پيش رفت کانپوءِ اهي خدشا جنم وٺي رهيا آهن ته اهو قدم اقليتي برادرين خلاف وڌيڪ تفريق جو سبب ٿي سگهي ٿو. هيڊ ٽيچرن کي موڪليل خطن مطابق لنڊن پوليس جي آفيسرن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي اسڪولن ۾ پنهنجي گشت ۾ اضافو ڪن ۽ ڪميونٽي ڇڪتاڻ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول جي عملي سان رابطي ۾ رهن. ان عمل سان انٽيليجنس معلومات جمع ڪرڻ جي فورس کي ڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.