عمارت ڊهڻ جي ڪيس ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا 3 آفيسر گرفتار

گوليمار واري علائقي ۾ 5 ماڙ عمارت ڊهي پوڻ واري واقعي کانپوءِ پوليس حرڪت ۾ اچي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي حوالي سان جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پوليس سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيل آفيسرن ۾ اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سرفراز جميل، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقصود قريشي ۽ بلڊنگ انسپيڪٽر عرفان علي شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي حوالي سان ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ٽنهي آفيسرن کي گرفتار ڪيو آهي. کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ شڪارپور واسي ڪٽنب سوڌو 27 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا
