پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

سنڌ گورنر هينڊ آئوٽ 9 اپريل 2019 ، اطلاعات آفيس حيدرآباد

سنڌ اطلاعات کاتو حيدرآباد                  (هينڊ آئوٽ9 اپريل 2019 )                                 فون:9200922   

حيدرآباد 9 اپريل ( هه آ  ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ يونيورسٽيون تعمير ڪيو ن وينديون ۽ ان سلسلي ۾ وزير اعظم عمران خان خاص دلچسپي وٺي رهيو آهي_ هن چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيو وڏو شهر آهي ۽ ان ۾ يونيورسٽي جو نه هجڻ زيادتي جي ڳالهه آهي _ هن چيو ته حيدرآباد ۾ فقط هڪ نه پر وڌيڪ يونيورسٽيون  قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي هو اڄ وفاقي يونيورسٽي حيدرآباد لاءِ زمين جي چونڊ جي سلسلي ۾ مختلف هنڌن جو دورو ڪرڻ بعدسرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهيو هو _  هن چيو ته وفاقي يونيورسٽي تعمير ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪرڻ ضروري نه آهي جيڪڏهن هو ان ڏس ۾  پنهنجو حصو وجهڻ چاهين ٿا ته اهي  اسان سان سهڪار ڪن ته اسين تيار آهيون-هن چيو ته وفاقي يونيورسٽي حيدرآباد لاءِ ٽي جايون  ڏٺيون آهن ۽ حيدرآباد ۾ تعمير هيٺ بحريا يونيورسٽي کي ٽيڪ اوور ڪرڻ جو آپشن پڻ سٺو آهي ۽ ان جي پيشڪش به آهي ڇاڪاڻ ته بحريا يونيورسٽي جو گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي تنهن هوندي به مختلف نقطن جو جائزو وٺڻ بعدهو ان احوالي سان وزير اعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو ۽ آخري فيصلو به اهو  ئي ڪندو _ هڪ سوال تي سنڌ جي گورنر چيو ته اسان کي نٿو لڳي ته وفاقي يونيورسٽي حيدرآباد لاءِ سنڌ حڪومت اسانکي زمين ڏيندي انڪري اسان وفاقي ادارن جي زمينن جو معائنو ڪيوآهي _هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته ٿرپارڪر ۾ وفاق طرفان هڪ الڳ يونيورسٽي جو اعلان ڪيو ويو آهي- پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته عمران خان سڄي ملڪ جو وزير اعظم آهي ۽ هن 162- ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي پرافسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ان تي به تنقيد ڪئي پئي وڃي هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ترقياتي منصوبا خاص ماڻهن ۽ پارٽين لاءِ نه آهن بلڪه سنڌ جي سمورن ماڻهن لاءِ آهن ڇاڪاڻ ته اسانجي نيت صاف آهي هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته وزير اعظم عمران خان سياسي مخالفت جي باوجود سمورن سياسي ڌرين کي گڏ وٺي هلڻ گهري ٿو _ هن چيو ته اسانجي جي خواهش آهي ته وفاق کي سنڌ حڪومت کي مثبت جواب ڏي ۽ سنڌ حڪومت جي قيادت خلاف ٿيندڙ انڪوائريز واري معاملي کي الڳ رکيو وڃي-هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم ايندڙ چوندون پي ٽي آئي سان گڏ وڙهندي تنهن هوندي به هن چيو ته  اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو _ هن چيو ته ايم ڪيو ايم نظرياتي طور تي پي ٽي آئي سان گهڻي حد تائين هڪجهڙائپ رکي ٿي ۽ ساڻن اسانجااختلاف دهشتگردي جي عنصر تي هئا ۽ مائنس الطاف حسين کانپوءِ  ايم ڪيو ايم هاڻي اسانجي بهترين  اتحادي ڌر آهي _ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾  سنڌ جي گورنر چيو ته زهره شاهد جاقاتل پڪڙجي چڪا آهن –ان کان اڳ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل وفاقي يونيورسٽي حيدرآباد لاءِ  سول ايوي ليشن اٿارٽي پاران جاين جو دورو ڪيو ان کان علاوه بحريا ٽائون طرفان تعمير هيٺ يونيورسٽي جو پڻ جائزو ورتو-ان موقعي تي سنڌ  اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جي پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ به موجود هئا-                                                                                                                                                                                                      هه  آ نمبر                       (ش ش)