سنڌ جو 20-2019 جو بجيٽ اڄ پيش ڪيو ويندو

سنڌ صوبي جو 20-2019 جو بجيٽ اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. بجيٽ جو ڪاٿو 1300 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ کان پهريان صوبائي ڪابينا بجيٽ جي منظوري ڏيندو سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنن ۾ 10 سيڪڙو اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته پوليس ۽ روينيو سميت ٻين کاتن ۾ 20 هزار ملازمن لاءِ ڀرتيون ڪيون وينديون. بجيٽ ۾ هاري ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو منصوبو شامل ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 280 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 205 ارب، صحت لاءِ 110 ارب، امن امان لاءِ 105 ارب جڏهن ته 50 ارب رپيا نين اسڪيمن لاءِ رکيا ويندا. ساڳئي ريت بلدياتي حڪومتن لاءِ 172 ارب رپيا، ڪراچي شهر ۾ روڊن پلين فلائي اوورن ۽ انڊر پاسن جي تعمير لاءِ 20 کان 30 ارب رپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ ڪابينا اڄ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ بجيٽ تي تجويزن جي آخري منظوري ڏيندي. جنهن بعد اڄ ئي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 3 کان 4 وڳي تائين سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو.

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *