ڪراچي مان پئسو کڻي دبئي ۾ لڳايو ويندو آهي: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته ڪراچي مان پئسو کڻي دبئي ۾ لڳايو ويندو آهي، اسان قانون جي بالادستي ۽ نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت ايڪسپورٽ وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، موجوده حڪومت ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ قدم کنيا، هن سال 30 ارب ڊالرز تائين ايڪسپورٽ ٿيڻ جي اُميد آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي سيڙپڪاري جا موقعا ملڻ گهرجن، اُهي سيڙپڪاري ڪندا ته ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي.

