مهانگائي ڪنٽرول نه ڪندڙ سرڪاري آفيسرن خلاف ڪارروائي جو اعلان

وفاقي حڪومت مهانگائي ڪنٽرول نه ڪندڙ سرڪاري آفيسرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ جي صدارت ۾ نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي نمائندن ڳڻپ واري اداري، واپار ۽ فوڊ، ڪسٽمز ۽ ڪابينا ڊويزن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري چيو ته جنوري ۾ بنيادي ضرورتن وارين شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، مهانگائي سبب عوام ۾ بيچيني آهي، مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي، ذخيرا اندوزي ڪندڙ ناجائز منافعي خورن کي هر هنڌ چيڪ ڪيو وڃي. عوام کي رليف نه ڏئي سگهندڙ آفيسرن کي احتساب جوڳو بڻايو ويندو. حڪومت رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي