تصوف اسلامي فڪر جو لطيف ترين، باطني ۽ روحاني پاسو آهي، جيڪو پنهنجي ابتدا کان انسان جي دل جي پاڪيزگي، روح جي سڪون، اخلاقي بلندي ۽ خدا سان حقيقي قرب جي ڳولها جو پيغام ڏئي رهيو آهي. اهو رڳو ظاهري رياضت ۽ مخصوص رسمن جو مجموعو نه، پر هڪ مڪمل فڪري، اخلاقي ۽ عملي طرزِ زندگي آهي، جنهن جو بنياد دل جي صفائي، نيت جي اخلاص، مخلوق سان محبت، عاجزي، صبر، قناعت، رحم ۽ انصاف جهڙين آفاقي خوبيُن تي رکيل آهي. تصوف جي تعليم وقت، جاءِ ۽ حالتن سان مشروط نه، پر انساني فطرت جي دائمي روحاني ضرورت سان ڳنڍيل آهن. تنهنڪري انهن جي اهميت اڄ به اوتري ئي زنده آهي، جيتري صديون اڳ هئي. انساني زندگي جي موجوده دور ۾ جتي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جو شور آهي، اتي ئي روحن جي خالي پڻي، ذهنن جي انتشار ۽ دلين جي بيچينيءَ جو الميو پڻ بيحد شدت سان موجود آهي. انسان وٽ جديد سهولتن جي فراواني آهي، پر سندس اندر خوف، پريشاني ۽ بيقراري سان ڀريل آهي. اها پياس ڪنهن به مادي وسيلن سان نٿي وسي سگهي، ڇاڪاڻ ته اها اندر جي پياس آهي، جيڪا فقط خدا سان سچي محبت ۽ نفس جي پاڪيزگيءَ سان ئي ختم ٿي سگهي ٿي. هتي ئي تصوف جو پيغام، انسان کي ٻاهرين شور ۽ گوڙ کان اندروني امن ۽ روحاني سڪون ڏانهن موٽائي ٿو. تصوف جو هڪ بنيادي اصول “انسانيت جي وحدت” آهي. اڄ جو سماج فرقي بندي، لساني ۽ مذهبي تعصب، سياسي دشمني ۽ نفرت جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي. صوفي بزرگن، جيئن حضرت علي هجويري، حضرت معين الدين چشتي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت بُلي شاهه ۽ ڪبير جهڙن ٻين پنهنجي دور ۾ جيڪو پيغام ڏنو، اهو سڀني حدن ۽ فرقن کان مٿانهون هو. سندن تعليمات محبت، اخوت، رواداري ۽ همدرديءَ جا سرچشما آهن، جيڪي اڄ به معاشري مان دشمني ۽ نفرت ختم ڪرڻ لاءِ ڪارگر آهن. بُلي شاهه جو بيت: