ڊرون ذريعي پهريون دفعو هڪ گردي جي منتقلي
يونيورسٽي آف ميري لينڊ ميڊيڪل سينٽر مطابق پهريون دفعو آپريشن لاءِ گردي کي ڊرون ذريعي هڪ اسپتال کان ٻي اسپتال تائين پهچايو ويو آهي. هن پروگرام ۾ خاص قسم جا سينسر لڳايا ويا هئا جنهن ذريعي گردي جي ڪارڪردگي تي نظر رکي پئي وئي. گردو وصول ڪندڙ هڪ 44 سالن جي عورت آهي جيڪا مسلسل 8 سالن کان ڊائليسس جي تڪيلف ڏيندڙ مرحلي مان گذري رهي هئي ۽ عطيي جي منتظر هئي. منصوبي جي اڳواڻ جوزف اسڪيلا مطابق هن منصوبي ۾ سرجن، انجنيئرن، هوائي فضائي ماهرن، نرسن ۽ ٻين عملي جي ماڻهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن منصوبي لاءِ ڊرون کي فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن جي اجازت به وٺڻي پئي هئي.