اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي
اڄ سڄي دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن موقعي تي سڄي ملڪ ۾ اڄ عام موڪل جو ڏينهن آهي. ياد رهي ته پهرين مئي 1886ع تي آمريڪا جي شهر شڪاگو جي مزدورن پاران سرمائيدارن ۽ صنعت ڪارن جي استحصال خلاف احتجاج ڪيو ويو هو ۽ روڊن تي نڪري آيا هئا، پر ان پرامن جلوس تي پوليس جي ڪيل فائرنگ ۾ سوين مزدورن جي مارجي وڃڻ، زخمي ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي مزدورن کي پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ جي پاداش ۾ ڦاهي به ڏني وئي. پر انهن مزدورن جي اها تحريڪ ختم نه ٿي سگهي ۽ سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي. پاڪستان ۾ هي ڏينهن 1973ع کان ملهايو ويندو آهي. ان وقت کان وٺي هن ڏينهن تي ملڪ اندر سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون ڪڍيون ويندوين آهن ته جيئن سڄي دنيا جي مزدورن سان يڪجهتي سميت مزدورن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو وڃي. هن سال مزدورن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام جو اعلان ڪيو آهي. هن پروگرام تحت مزدورن کي سماجي تحفظ فراهم ڪيو ويندو. هن موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ مزدورن جو خاص ڪردار هوندو آهي. اسان جو احساس پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت جو اهم قدم ثابت ٿيندو. احساس پروگرام تحت اوورسيز پاڪستانين لاءِ به اهي قدم کنيا ويندا.