گل محمد ڪلهوڙو: هڪ آدرشي انسان! عبدالغني شر July 2021
گل محمد ڪلهوڙو هڪ دور انديش سوچن جو درويش مسافر هو، جيڪو محبت من ۾ سمائي شعوري سوچ واري سيڙھي جي ڪنهن ڏاڪي وانگي ڪردار نڀائيدي چوياري اها ڳالهه ويٺي ورجائيندو هو، آئون ڀل لتاڙجان، پر منهنجي ٻولي تي ڪو ڌاريو وري نه ڪچي ٻول ڪري!
هو سچائي سان سنڌ جي چاهت جي سڳنڌ ساهه ۾ سمائي، سنڌ جي قومي معاملن ۾ سڀني کان اڳڀرو ۽ سنجيدگي سان سوچيندي شعور واري سنگت کي پنهنجائپ ۽ پيار وچان صلاحون ڏيندي هنن جا حوصلا وڌائيندو هو. جهڙو نالو گل هئس تهڙو نالي جو نڀاءُ ڄاڻندو هو. هو ڀنئور بڻجي ٻوليءَ تي پهرا ڏيندو هو، لوڪ جي لهجن، انا پرست حاسدن، ريتن، رواج پرستن کي موقعو ملندي منصور بڻجي للڪاريندي چوندو هو، هن سون ورني سنڌ صدين کان سورهيه پيدا ڪيا آھن، جن وقت بوقت سنڌ جي ستم ظريفن کي سمجهندي مظلوميت جو ساٿ ڏئي ڪنڌ جهڪائي هلڻ کان وڌيڪ ڪنڌ ڪپائڻ کي ترجيح ڏني آھي.
اچو ته مظلوميت جو ساٿ ڏيون ٻولي لاءِ مرون ٻولي لاءِ جيئون. هو بادشاهي تاريخي گهراڻي سان تعلق رکندي به ڪنهن وڏائي ۾ پاڻ وڃائڻ بدران هميشه سماجي قدرن کي اهميت ڏيندي هر ڪنهن جي ڏک سک ۾ عام ماڻھو بڻجي بيٺل هوندو هو.
منهنجي ميان سان پهرين ملاقات اسان جي اوطاق جي اڱڻ ۾ مرحوم ماما ساگر ڌڻي بخش جي شادي جي ڪاڄ ۾ ٿي هئي. رات جي ٿڌن پهرن ۾ عظيم آديسي جي طويل تبصرن سان کنيل موضوع ۾ هي پنهنجي سگهاري سوچ سان پنهنجي راءِ مڃائي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي چوندو هو، پاڻ سڀ سنڌي جيجل جو احساس رکي جيئون ٿا، پر پاڻ جنهن کي چونڊي اسميبلي موڪليون ٿا، انهن کان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جا معاملا وسريو ٿا وڃن، ھو سک جي گوري کائي سمهيو ٿا پون ۽ پنهنجي جيجل پيڙائن جي پنڌ ۾ ڀٽڪيل رهجي وڃي ٿي! اسان جو اجتماعي شعور به وري ووٽن ۾ ڀت برادري، چڱ مڙسي، ميرن پيرن اڳيان ٽڙ پکڙ نظر ايندو، وري بيوسي وچان مٿي تي هٿ هڻندي افسرده ٿي سوچ ۾ ٻڏي ٿي ويو، جنهن کي وسيع مطالعو رکندڙ دلڙي دوست آديسي عظيم هن جي فڪر کي سمجهندي رات جي ٿڌن پهرن ۾ هن کي سنجيدگي سان سمجهائندي چوڻ لڳس ميان ڪاش اسان جو سماج پنهنجي فڪر واري سوچ کي سمجهي اهو تڏھن ممڪن آھي، جڏھن اسان وٽ مڪمل تعليم هجي اسان جا پڙھيل لکيل نوجوان پنهنجي جياپي جي جستجو پٺيان پکين جي قطار مان جدا ٿيل پکي وانگي ٿيندا آهيون. انهن کي هڪڙي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ تنهنجي منهنجي وس کان مٿي آهي پوءِ به تنهنجو فڪر ڪنهن کي نه ڪنهن سمجهه ۾ ايندو ۽ توسان گڏ بيٺل هوندو. انهيءَ لاءِ سوشل سائنس ضروري آھي. جيڪڏھن ايئن ڪندين ته ماڻھن جا ميڙ تنهنجو موقف سولائي سان سمجهي وٺندا، نه ته تنهنجا ڪتاب ۽ تنهنجا لکيل ليک هرڪو ڪٿي ٿو سمجهي سگهي. تنهن ڏينهن واري اهڙي شاندار فڪري ڪچهري جنهن منهنجي ڪوري دماغ جا تاڪ کولي ڇڏيا هئا، جيڪا اڄ ڏينهن تائين وسري نه سگهي آھي!
ميان گل محمد سان منهنجي گهڻي ويجهڙائپ نه هئي، پر جتي ملندا هئاسين يا ڪو پروگرام هوندو هو جتي هو سنگت جي ساٿ کي ڳوليندو ڀر ۾ اچي ويهندو هو، مرڪندي چوندو هو يار توهان هر گڏجاڻي ۾ نڪور ڪهاڻي پڙھو ٿا، پر آئون هڪ ڪهاڻي جي ڪردارن ۽ ڪلائيميڪس ۾ مهينن جا مهينا وڃايل هوندو آھيان!! پوءِ سوچن ۾ ڪهاڻي کي سمائي مس وڃي مڪمل ڪندو آھيان.
هڪ ئي وقت هن جي زندگي، وقت جي ڪيترن ئي رخن ڏانهن نهاريندي پنڌ ڪندي ھئي. هو هڪ ئي وقت هڪ مڪمل آبادگار هو، جيڪو ڪڏھن پاڻ پورهيت ٻنين ۾ جوڙا ڪاهيندو هو. هڪ ذميوار استاد جي ناتي پنهنجي علائقي جي اسڪول ۾ معياري تعليم جو حامي به هو. هن تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ھڪ بهترين استاد طور مڃايو، ادب ۾ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار ۽ سنڌ سان پيار ڪندي هن ٻوليءَ جو ماهر ٿي ڏيکاريو. گل محمد ڪلهوڙو هڪ آدرشي انسان هو، گل محمد جو جسماني وڇوڙو اسان لاءِ تڪليف ڏيندڙ ضرور آھي، پر هو فڪري طور اسان سان گڏ آھي ۽ هميشه گڏ رهندو.

