بلاگنئون

تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي جو طوفان!!

وفاقي حڪومت پاران مارچ مهيني جي هڪڙي ئي هفتي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھه ٻيو ڀيرو وڌائي نه رڳو ملڪ جي عوام مٿان پيٽرول بم اڇلايو آهي، پر ملڪ اندر مهانگائي جو نئون طوفان آڻڻ لاءِ راھ کي به هموار ڪيو آهي، پهرين مارچ تي  پيٽرول 8 رپيا وڌايو ويو هو ۽ وري آمريڪا اسرائيل جي ايران سان جنگ سبب پيٽرول جي قلت ۽ مهانگي ملڻ جو جواز ڄاڻائي 6 مارچ تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 55 رپين جو وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان روز مرھ جي استعمال جي شين کان وٺي ملڪ جي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت گڊز ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو پهرئين ڏينهن کان ئي ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ڪراين ۾ 20 سيڪڙو اضافي جو اعلان به ڪيو ويو، ان کان علاوه ريلوي جي ڀاڙن ۾ به اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو ملڪ جي مسڪين عوام لاءِ ناقابل قبول عمل آهي، پر چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن ، ائين ئي هن ملڪ جي ڏاڍن جي لٺ آڏو مسڪين عوام بي وس ٿي ويو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جا ڳاٽي ٽوڙ اگھه وڌائڻ کانپوءِ حڪومت کي هڪ طرف ڇتي عوامي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته اتي شهباز سرڪار جي وڏي اتحادي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين موجوده صورتحال ۾ تيل جي اگھه ۾ بي انتها اضافي کي رد ڪندي حڪومت کان ڪيل تيل اگهن جي واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو به ڪيو آهي، ڇو ته سياسي پارٽيون ۽ سڄاڻ ڌريون سمجهن ٿيون ته موجوده وقت جڏهن رمضان جو ڀلارو مهينو هلي رهيو آهي ان وقت اڳ ۾ ئي مختلف کاڌي پيتي جي شين جي ذخيره اندوزن عوام مٿان هٿرادو مهانگائي جي ڇپ ڪيرائي آهي مٿان وري پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اوچتو تاريخي اضافو ڪري عوام لاءِ  سان مهانگائيءَ جو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي. هن وقت جڏهن عيد مٿان اچي بيٺي آهي ملڪ جو پورهيت طبقو عيد خريداري ۽ مهانگائي سبب ٻن ويلن جي ماني گرھ لاءِ پريشان آهي تڏهن ھن حڪومتي فيصلي پورهيت طبقي جي اهنجن ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي توڙي صوبائي سطح جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تازو وڌايل تيل جي اگهن تي تبصرا ڪندي هن واڌ کي غير مناسب قرار ڏنو پيو وڃي، ٽي وي اينڪر پرسن، وزيرن ۽ مشيرن کان دليلن سان تيل جي اگهن تي بحث ڪري پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ موجوده تيل جي اگهن جي قيمتن کي ان تناسب سان پيش ڪري رهيا آهن ۽ ٻڌائين به پيا ته پاڪستان ۾ هن وقت دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ في ليٽر تيل جا اگھه ورتا پيا وڃن، پر وزير ۽ مشير ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. ان سلسلي ۾ هڪ ٽي وي چينل تي ن ليگي عورت آن ايئر سرِ عام ڌمڪي آميز لھجي اينڪر کي اهو به چيو ته شڪر ڪريو جو پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگھه صرف 55 رپيا ليٽر وڌايو آهي. جيڪڏهن 110 رپيا وڌايون ها ته اوهان ڇا ڪريو ها، جيڪو ڪلپ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل به ٿيو آهي. سچ ته حڪومتي ماڻهن جي اهڙي جارحاڻي رويي تي حيرت ٿئي ٿي ته جيڪي عوامي نمائنده عوام جي خدمت جو حلف کڻي ايوانن ۾ پهتا آهن اهي عوام دشمن فيصلا ڪري پنهنجي ئي عوام جو تيل ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. اهڙن نازڪ وقتن تي حڪومتون پنهنجي عوام جي مٿان بار گهٽائينديون آهن ۽ آخر ۾ انتهائي مجبوري وچان عوام تي به گهٽ کان گهٽ ڪو بار وجهنديون آهن، پر ان جي ابتڙ اسان وٽ عوام جي کل لاهڻ جون تياريون مڪمل هونديون آهن، جنهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. تيل وڌڻ کانپوءِ گاڏين جا ڀاڙا وڌايا ويا آهن جڏهن ته زندگي جي عام واهپي کان ويندي هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي، ان ڪري وفاقي سرڪار کي گهرجي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪيل واڌ تي فوري طور نظرثاني ڪري وڌايل اگھه واپس وٺي ملڪ جي مسڪين عوام کي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ رليف ڏنو وڃي.