ايڊيٽوريلنئون

ڇا پاڪستان جهڙو ملڪ بند تعليمي ادارن جو بار سهي سگهي ٿو؟

اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون اسان جي مستقبل جي تعمير جا ادارا آهن، جتي نه صرف نصابي تعليم ڏئي نوجوانن کي هڪ مخصوص نصاب پڙهائي مستقبل لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو ته جيئن اهي هيومن ريسورس طور ملڪ، قوم ۽ دنيا ۾  پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، بلڪه اهي تعليمي ادارا ٻارن کي سماجي رابطا ۽ اخلاقيات سيکارڻ جا اهم مرڪز آهن، جتي اهي پنهنجي حدن ۾ گڏجي رهڻ سکن ٿا، انهن جي اندر رواداري ۽ صبر سان گڏوگڏ ٽيم ورڪ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. تعليمي ادارن اندر ٻارن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ڇو ته اهي پنهنجي عمر جي ٻارن سان گڏجي مختلف موضوئن تي بحث مباحثا ڪن ٿا، استادن کان سوال پڇن ٿا ۽ کين اهو موقعو ملي ٿو ته اهي پنهنجي ذهني اوسر ڪري سگهن. تعليمي ادارا نه صرف انهن مٿين ڳالهين کي بلڪه ٻارن جي جسماني اوسر، نفسياتي استحڪام ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪرڻ لاءِ به تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اسڪولن ۾ راندين جا ميدان، تقريري مقابلا، ٻارن جي شخصيت سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي ادارا صرف ٻارن کي سرٽيفڪيٽ يا ڊگريون نٿا ڏين، بلڪه ٻارن جي مڪمل شخصيت سازي ڪن ٿا، پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ننڍن ننڍن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليمي سرگرميءَ کي هڪدم تالو لڳايو وڃي ٿو. هن وقت ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جنگ جي باهه جو اثر اسان جي تعليمي ادارن تي سڌو سنئون پيو آهي.

حڪومت پهرين غلطي ڪري هڪدم پيٽرول جون قيمتون وڌايون ۽ پوءِ ٻي غلطي ڪري تعليمي ادارن کي بند ڪري ڇڏيو. جڏهن پيٽرول جي قيمت وڌائڻ تي حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي ته هن تعليمي ادارن کي مڪمل طور تي ۽ آفيسن جي 50 سيڪڙو اسٽاف کي گهٽ ڪري عوام جي ڪاوڙ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو پيغام ڏنو ته بيورو ڪريسي جو پيٽرول به 50 سيڪڙو گهٽايو ويو آهي، پر هن وقت عوام اهو سوال پڇي رهيو آهي ته ڇا شاگردن جون سرگرميون ۽ انهن جا ادارا بند ڪرڻ سان اهڙا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا؟ جڏهن ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ جنگ هجي يا معاشي بحران تعليمي ادارا هميشه کليل رهن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ تعليم دشمني اسان جي حڪومت جي پاليسين مان صاف نظر اچي ٿي. خاص طور تي سنڌ ۾ اسڪولن جون عمارتون تباهه آهن، ٻارن کي ويهڻ جي لاءِ فرنيچر فراهم نٿو ڪيو وڃي، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ واشرومن جون سهولتون نه هجڻ ڪري ٻار اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ اسڪولن ۾ بجليءَ جي فراهمي نه هجڻ سبب ٻار شديد گرميءَ واري صورتحال کي برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ اسڪول نٿا وڃن. ان سان گڏوگڏ استادن جي غيرحاضري سنڌ جي تعليم جا بنيادي مسئلا آهن. انهن کي حل ڪرڻ بجاءِ سڀني تعليمي ادارن کي ئي تالو لڳايو ويو آهي. بدقسمتي سان پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌاري کي بنياد بڻائي تعليمي ادارن کي تالا ڏيڻ سان ثابت ٿي چڪو آهي ته هن وقت پوري پاڪستان ۾ تعليم دشمني ٿي رهي آهي.

اسان وٽ اهو به ممڪن ناهي ته آن لائين ڪلاس هلايا وڃن. ڇو ته ان لاءِ اسان جي ملڪ ۾ انفرااسٽرڪچر ۽ عوام جي معاشي حالتن جو مختلف طبقن ۾ ورهائجڻ سبب اهي سڀ سهولتون غريب ۽ مسڪين ٻار جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿا انهن وٽ موجود ناهن. جيڪي ٻار انهن سهولتن مان فائدو وٺي سگهن ٿا انهن کي به خراب نيٽ ورڪ جي مسئلي سبب آن لائين ڪلاسن مان ڀرپور فائدو نٿو ملي سگهي. تعليمي عمل کي بند ڪرڻ جو سڀ کان وڏو نقصان ٻهراڙي جي ٻار کي ٿئي ٿو، جيڪو غربت جي ڪري پنهنجي پڙهائي ڇڏي مزدوري ۾ لڳي وڃي ٿو ۽ پوءِ وري ان جو اسڪول موٽڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. جنهن جو نقصان سڄي نظام کي ٿئي ٿو. اهڙن وقتن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت کي اڄ کان ئي تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ تعليمي ادارا بند نه ٿي سگهن. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنهنجو انفرااسٽرڪچر جديد ضرورتن مطابق سڄي سنڌ ۾ تعمير ڪري، روڊن ۽ رستن سان گڏوگڏ “گرين ڪاريڊورز” ٺاهيا وڃن ته جيئن ڪيترائي استاد ۽ شاگرد سائيڪلن ذريعي وڻن جي ڇانوَ ۾ پنهنجن تعليمي ادارن تائين پهچي سگهن، سائيڪل جو استعمال پوري قوم کي صحتمند بڻائي سگهي ٿو. حڪومت کي سنجيدگيءَ سان گرين ڪاريڊورز ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه اِي اسڪوٽر ۽ اِي گاڏين جو رجحان وڌائڻ وقت جي ضرورت آهي، ان جو فائدو به اهڙن وقتن ۾ ٿيندو جنهن سان حڪومت کي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي تڪليف نه ڪرڻي پوندي، تعليمي ادارن ۾ چارجنگ اسٽيشن لڳايا وڃن، يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ شمسي توانائي جي نظام کي وڌ کان وڌ لڳايو وڃي ته جيئن اهي ادارا توانائيءَ جي حصول ۾ پاڻڀرا ٿي سگهن. ان سان حڪومت کي به بچت ٿيندي. مسئلن جو حل ڳولهڻ گهرجي، نه ڪي مسئلا پيدا ڪرڻ گهرجن. تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان پيٽرول ته بچي ويندو، پر نوجوانن جو مستقبل تباهه ٿي ويندو. جيڪو حڪومت لاءِ ٻيا ڪيترائي مسئلا پيدا ڪندو.