نئون

سپريم ڪورٽ پاران بلاول ۽  سنڌ جي وڏي وزير جو نالو اي سي ايل مان هٽائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ بلاول ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو نالو جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس جي، جي آءِ ٽي ۽ اي سي ايل مان هٽائڻ جو حڪم ڏيئي  ڇڏيو. ڪالهه ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ فل بينچ جي اڳواڻي ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جعلي اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي جي وڪيل کان سوال ڪيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ بلاول ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جا نالا ڇو شامل ڪيا ويا آهن. بلاول بيڏوهي آهي هو پنهنجي ماءُ جي ڪم کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. جي آءِ ٽي واضح ڪري ته ٻنهي جا نالا رپورٽ ۾ ڇو ڏنا آهن؟ جنهن بعد چيف جسٽس ٻنهي ڄڻن جا نالا رپورٽ مان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. جي آءِ ٽي جي وڪيل جواب ۾ چيو ته بلاول جو نالو ان لاءِ رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته هو پارڪ لين پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني جي 75 سيڪڙو شيئرز جو مالڪ آهي. واضح رهي ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ نيب کي چيو هو ته هو اها آصف علي زرداري خلاف ريفرنس داخل ڪري، هن ۽ سندس فرنٽ مين طور ڪم ڪندڙ يونس قدوائي ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان سڌي ريت انڪوائري ڪري 3.7 ارب رپيا وصول ڪري.