بلاگنئون

صحافت جو اصل معيار نالي، گوڙ ۽ رفتار کان اڳتي!

اڄ جي ھن جديد  دور ۾ جڏھن ھر ھٿ ۾ موبائيل ۽ ھر اک اڳيان اسڪرين آھي، تڏھن صحافت جو ميدان به عجيب موڙ تي بيٺو آھي. ڪو وڏو چينل، ڪا وڏي اخبار يا سوشل ميڊيا تي ھزارين فالوور رکڻ سان ھرڪو ماڻھون پاڻ کي وڏو صحافي سڏائڻ لڳو آھي، پر سچ اھو آھي ته نه ھر وڏو ادارو صحافت جي عظمت جو ضامن آھي ۽ نه ئي ھر اسڪرين تي نظر ايندڙ چھرو صحافي ھئڻ جي لائق آھي.

صحافت صرف خبر ڏيڻ جو نالو ناھي، پر اھا ذميواري، ايمانداري ۽ شعور جو نالو آھي. صحافت جو بنيادي مقصد معاشري کي سچائي کان  آگاھ ڪرڻ، مظلوم جو آواز بڻجڻ ۽ طاقتور کان سوال ڪرڻ آھي. جيڪڏھن ڪنھن وٽ اھو شعور، اھا ايمانداري ۽ اھا ذميواري ناھي ته پوءِ ھو ڪيترو به مشھور ڇو نه ھجي، صحافي نٿو ٿي سگھي. اڄڪلھه  “پيڪيج” ٺاھڻ ۽ ڏينھن ۾ ڏھ  ڏھ “لائيو” ڪرڻ کي ئي صحافت سمجھيو پيو وڃي. تيزيءَ سان خبر ڏيڻ جي ڊوڙ ۾ سچائي، تصديق ۽ معيار پوئتي رھجي ويا آھن. ڪيترن کي ته صحافت جي “ص” جي به خبر ناھي، نه ان جي تشريح معلوم آهي نه ان جي بنيادي اصولن جي ڄاڻ آهي. نتيجي طور، خبرن ۾ سنجيدگي گھٽجي وئي آھي ۽ تاثر وڌي ويو آھي. صحافت جي اصل سڃاڻپ ان جي معيار سان ٿيندي آھي. گرامر جي درستگي، لفظن جي چونڊ، تلفظ جي صفائي، جملن جي جوڙجڪ ۽ ڳالھائڻ جي ادائيگي، اھي سڀ عنصر گڏجي صحافت کي وقار فراهم ڪن ٿا. ھڪ سٺي خبر رڳو ڄاڻ نه، پر ترتيب، توازن ۽ سچائي سان ڀريل ھوندي آھي. خبر جو فارميٽ، ان جو ڍانچو، ان جي شروعات، وچ ۽ پڄاڻي سڀ ڪجھه اصولن مطابق ھئڻ گھرجي.

اسان وٽ مسئلو اھو آھي ته اسان سکڻ کان وڌيڪ ڏيکاءُ تي ڌيان ڏيون ٿا. بغير بنيادي ڄاڻ جي، صرف ڪيمرا آڏو بيھڻ سان ڪوبه صحافي نٿو بڻجي سگھي. صحافت ھڪ فن به آھي ۽ ھڪ ذميداري به آهي، جنھن لاءِ محنت، مطالعو ۽ مسلسل سکڻ جو عمل ضروري آھي.

ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اسان صحافت کي سنجيدگي سان اختيار ڪيون. جيڪڏهن اسان صحافت جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا ته صحافت جي بنيادي اصولن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون، زبان تي عبور حاصل ڪري سچائي کي پنھنجو اصول بڻائي ۽ خبر کي ھڪ امانت سمجھي پوءِ ڪنهن به اشاعتي ادارا ڏانهن اماڻيون. ڇو ته صحافت رڳو پيشو ناھي، اھا ھڪ معاشرتي ۽ سماجي ذميواري آھي. اسان جي هر خبر سان سماج تي اثر ٿيڻو آهي. ان لاءِ اسان کي باشعور طريقي سان پنهنجي ذميداري کي نڀائڻو پوندو ته جيئن اسان سماج تي هاڪاري اثر وجهي سگهون.

اھو چوڻ غلط نه ٿيندو ته وڏو صحافي ٿيڻ لاءِ وڏي اسڪرين جي نه، پر وڏي سوچ، صاف نيت ۽ پختي ڄاڻ جي ضرورت ھوندي آھي. جڏھن اسان جي شعور ۾ اهي سڀ شيون شامل هونديون ته پوءِ وڏو مقام ملڻ مشڪل نه رهندو.