لداخ ۾ چيني ۽ ڀارتي فوج ۾ چڪريون، ڀارت کي سخت جواب

هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪندڙ ڀارت چين جي سامهون بيوس بڻجي ويو. جڏهن ته ڀارتي فوج کي چيني فوجين سان چڪريون مهانگيون پئجي ويون. عالمي ميڊيا موجب ڀارتي فورس ايل او سي تي اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، چيني فورس نه فقط ڀارتي فوج کي سخت جواب ڏنو، پر ڀارتي علائقي ۾ ٽي ڪلو ميٽر تائين اندر گهڙي ويا. چيني فوج سرحد تي پيٽرولنگ ڪندڙ ڀارتي فوجين کي به گرفتار ڪري ورتو، چيني فورس جي هٿان شرمندگي کڻڻ سان گڏوگڏ ڀارت کي فوجين جي آزادي لاءِ به درخواست ڪرڻي پئي، جنهن کانپوءِ چين معافي تي ڀارتي فوجين کي آزاد ڪري ڇڏيو. هي معاملو ايترو سنگين هو جو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي فوري طور تي اعليٰ فوجي اختيارين جو هنگامي اجلاس گهرايو جنهن ۾ آرمي چيف وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چين سان ٿيندڙ چڪرين کي سخت نقصان قرار ڏنو آهي. ڀارتي ميڊيا چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جون فوجون لداخ ۾ پنهنجي نفري ۾ واڌ ڪري رهيون آهن ۽ ايل او سي جي ڪيترن ئي هنڌن تي خيما لڳايا ويا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازو ڇڪتاڻ ان وقت شروع ٿي جڏهن ڀارتي فوج لداخ جي علائقي گالوان ۾ هڪ روڊ ۽ پل جي تعمير شروع ڪئي جنهن تي چين سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، چين چيو آهي ته ڀارت سڪم ۽ لداخ ۾ لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪئي. ڀارت تڪراري علائقي جو اسٽيٽس هڪطرفي طور تي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چين ڀارتي سرحد تي وڌيڪ 5 هزار فوجي مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

 

 

 

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments