خاصنئون

نجڪاري ڪميشن پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل کي ليز تي ڏيڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

نجڪاري ڪميشن جمعي تي نيو يارڪ ۾ پاڪستاني ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل کي ليز تي ڏيڻ لاءِ شرطن ۽ ضابطن جي منظوري ڏيئي ڇڏي، پر اڃان تائين پاڪستان اسٽيل ملز جي نجڪاري جي حوالي سان مالياتي مشير جي تعنياتي جو معاملو حل نه ٿيو آهي. نجڪاري ڪميشن پنهنجي اجلاس ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي نجڪاري لاءِ مالياتي مشيرن جي تقرري جي حوالي سان به ڪيترائي فيصلا ڪيا. هن ڪميشن جي بورڊ 525 ميگا واٽ جي نندي پور پلانٽ جي نجڪاري جي لاءِ مالياتي مشيرن جي منظوري کان علاوه هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن ڪمپني جي لاءِ صلاحڪار پاڪستان ري انشورنس ڪارپوريشن جا 20 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪرڻ ۽ هيوي اليڪٽرڪ ڪامپليڪس ۽ فرسٽ وومين بينڪ جي نجڪاري جي منظوري به ڏيئي ڇڏي. واضح رهي ته روز ويلٽ هوٽل پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جي ملڪيت آهي. بورڊ اهو فيصلو ڪيو آهي ته روز ويلٽ هوٽل جي ليزنگ جو نجڪاري وارو عمل آرڊيننس 2000 تحت عمل ۾ آندو ويندو.